لاڙڪاڻي جا 4 کنڀيل نه موٽيا، احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر مان مختلف وقتن تي کنڀي گم ڪيل 4 نوجوانن جي وارثن طرفان سندن آزادي لاءِ ڪالھ به پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي. ان موقعي تي نصرت دايو، افسانه دايو، ضياءُ الدين مغيري، عبدالڪريم ٽڳڙ، عبداللطيف سولنگي ۽ ٻين صحافين آڏو دانهيندي چيو ته 29 مئي 2017ع تي نظر پاڙي مان نوجوان پورهيت درزي انصاف دايو، 3 آگسٽ 2018 تي ايوب ڪالوني مان پرائمري استاد ڪاشف علي ٽڳڙ، 22 نومبر 2017ع تي مراد واهڻ مان اسٽيٽ لائيف جي ملازم غلام مرتضيٰ سولنگي ۽ 26 نومبر 2019ع تي شهر جي خالق ڪالوني مان پورهيت غلام عمر مغيري کي بيگناھ کنڀي گم ڪيو ويو آهي. ، جن جو هن وقت تائين ڪو ڏس پتو ناهي پئجي سگهيو، جڏهن ته نوجوانن جي کنڀجڻ کان پوءِ اسان جي گهرن ۾ قهرام متل آهي. هنن چيو ته اسان پنهنجي پيارن جي آزادي لاءِ گذريل ڪيتري ئي عرصي کان وٺي احتجاج ڪري رهيا آهيون، پر افسوس جو اسان جي هن احتجاج جو هن وقت تائين ڪنهن به نوٽيس ناهي ورتو، جڏهن ته کنڀي گم ڪيل نوجوانن جي جدائي ۾ سندن امڙيون بيمار ٿي گهر ۾ هڪ ئي بستري تي پيل آهن، جيڪي پنهنجي ٻچڙن جي اچڻ جون واٽون نهرائي رهيون آهن. هنن اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته خدارا معاملي جو نوٽيس وٺي اسان جي پيارن کي آزاد ڪرائي اسان ۾ پيدا ٿيل مايوسي ۽ پريشاني ختم ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.