لعلو رائنڪ ۾ گهر مان ڌاڙو، واپاري کان ڦر، تشدد، ڌرڻا، باهيون

لعلورائنڪ ( رپورٽ:بدرالدين مغيري ) لعلورائنڪ ۽ آس پاس جي ڳوٺن ۾ بد امني وڌي وئي ڏوهارين پنهنجو نيٽ ورڪ تيز ڪري ڇڏيو. لعلورائنڪ ۽ ان جي آس پاس جي رهواسين جي عزت جان ۽ مال غير  محفوظ بڻجي وئي. لعلورائنڪ ۾ هڪ ڏينهن۾ چوري ۽ ڦر جون ٻه الڳ الڳ وارڌاتون گذريل رات 9 بجي نا معلوم چور ڊنگل ماڇي جي رهواسي امتياز سولنگي جي گهر  ۾ ڪاهي پيا ۽ گهر ڌڻي سجاڳ ٿي پيو ۽ چورن سان مذاحمت ڪئي جنهن تي چورن گهر ڌڻي مٿان بد ترين تشدد ڪيو ۽ گهر ڀاتين کي باندي بڻائن  بعد چور گهر مان روڪ رقم سونا زيور موبائيل فون ۽ ٻيو سامان کڻي آساني سان ڦرار ٿي ويا. ان واقعي خلاف سولنگي برادري جا ماڻهو سراپا احتجاج بڻجي ويا هنن لعلورائنڪ ۾ بس اسٽينڊ تي مين روڊ بلاڪ ڪري ٽائر ساڙي احتجاج ڪيو.  ۽ لعلو رائنڪ پوليس خلاف اڀ ڏاريندڙ رڙيون ڪيون. ان موقعي تي مظاهري چيو ته چورن ڪنهن سوچيل سمجهيل منصوبي تحت اسان جي گهر ۾ داخل ٿي ڦر لٽ ڪئي آهي. جڏهن ته اسان جي ڪنهن سان به ڪا دشمني ناهي. هنن چيو ته جيڪڏهن لعلورائنڪ پوليس چورن کي گرفتار نه ڪيو ته اسين احتجاج جو دائرو وڌائينداسين. ان موقعي تي لعلو رائنڪ ايس ايڇ او اچي مظاهرن سان ڳالهيون ڪري احتجاج ختم ڪرايو ۽ ايس ايڇ او مظاهري کان ڪجهه ڏينهن جي مهلت پڻ گهري ورتي. ٻئي پاسي ڏينهن ڏٺي ون ٽو فائيو موٽر سائيڪل تي سوار ٻن ڦورن واپاري صدام بليدي کان صبح جو ساڍي اٺين بجي وچ روڊ تي هٿيارن جي زور تي روڪ رقم اڍئي لک، موبائيل فون، پرس ۽ ڪاغذات جو ٿيلهو ڦري ڦرار ٿي ويا. ان واقعي خلاف بليدي برادري جا ماڻهو ۽ لعلورائنڪ جا واپاري ۽ دڪاندار دڪانن جا دروازا هيٺ ڪري ڪافي تعداد  ۾ لعلورائنڪ بس اسٽاپ تي گڏ ٿي ويا جتي هنن ٽائر ساڙي احتجاج ڪيو. هنن چيو ته لعلورائنڪ  هاڻي محفوظ ناهي رهيو ڏوهاري سرگرميون روز بروز وڌنديون پيون وڃن پر هتان جي پوليس ڏوهارين کي پٽو وجهڻ ۾ ناڪام رهي آهي. هنن احتجاج ڪندي چيو ته ڦورو گرفتار ڪري روڪ رقم ۽ ٻيو سامان واپس ڪرائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي. ان دوران هڪ دفعو ٻيهر ايس ايڇ او لعلو رائنڪ اچي مظاهرن سان ڪامياب ڳالهيون ڪري احتجاج ختم ڪرايو. ان واقعن جو ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ عمران قريشي پڻ نوٽيس ورتو ۽ ان سڄي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ  لعلورائنڪ اچي سولنگي ۽ بليدي برادري جي ماڻهن سان ملاقاتون ڪيون جائ وارڌات جو معائنو پڻ ڪيو. چورن ۽ ڦورن کي جلدي گرفتار ڪرڻ جي خاطري به ڪرائي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.