ڪنب لڳ ڪورٽ ۾ واپس اچڻ تي اهڪارن ڦر ڪئي، احتجاج

ڪنب ( ن ع آ )  ڪنب لڳ ڳوٺ شاهنواز سولنگي جي رهواسين صحافي عاشق حسين سولنگي، اڪن سولنگي  صحافين آڏو  ڪنب پوليس خلاف احتجاج ڪندي دانهيندي چيو ته اڄ اسان خيرپور جي سيشن ڪورٽ مان حاضري تان واپس پنهنجي ڳوٺ ڏانهن پنهنجي گاڏي تي  اچي رهيا هئاسين ته جسڪاڻي اسٽاپ ڀرسان ايس يڇ او ڪنب ۽ پوليس اهلڪار جيڪي سول ڊريس ۾ هئا، اسان جي گاڏي جو اڳ ڏئي اسان کان تلاشي بهاني مبينه هڪ لک ستر هزار ۽ چارموبائل فون کسي ورتا ۽ اسان جي نوجوان نويدسولنگي کي گاڏي مان زبردستي لاهي پاڻ سان کڻي ويا ۽ اسان کي خطرو آھي ته ڪٿي اسان جي نوجوان کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي يا هاف فرائي نه ڪري ڇڏين . هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کان ايس ايڇ او ڪنب پوليس جي ناجائزين ۽ نوجوان کي کنڀڻ جو نوٽيس وٺي مامري جي جاچ ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.