مدئجي ۾ صحافي کان ڦر ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيا، احتجاج

مدئجي (ن ع آ) مدئجي ۾ پريس ڪلب جي صدر وحيد جوکيو جي ڀائيٽي ۽ نوجوان صحافي گلفام جاويد جوکيو سان پيش آيل ڦر  واقعي کي 2 ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار ڪري نه سگهي، جڏهن ته پوليس پنهنجي روايت کي برقرار رکندي ٽال مٽول ڪندي رهي، اهڙي صورتحال بعد پريس ڪلب مدئجي جي  صحافين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي  قلم ڌڻين وحيدجوکيو,سورهيه ميراڻي,آغاعبدالنبي,ايازسومرو,معظم ڀٽو,نويد احمد دل,رياض منگي,گلفام جاويدجوکيو ۽ ٻين دانهيندي چيوته  صحافي کان ڦر ڪندڙ جوابدار پوليس گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي،  هنن آءِ جي سنڌ ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي جوابدار گرفتار ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.