ڌرتين ۽ تهذيبن جو تحفظ ٿيڻ گهرجي

ايڊيٽوريل

ميڊيا ۾ خبرون آهن ته سنڌ جي ڀنڊ اڙ ٻيٽ تي هڪ نئون شهر اڏڻ جون تياريون ٿي رهيون آهن. هن ملڪ جو صدر  ڪن بلڊرن کي اهڙي معلومات ڏئي رهيو آهي، هيءُ اهو بيٽ آهي، جيڪو ڪراچيءَ جي ويجهو آهي، هن ٻيٽ جي دنيا جي ميڊيا ۾ ان ڪري گهڻي پذيرائي ٿي آهي جو گذريل پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت ۾ ۽ ان کان اڳ هيءُ ٻيٽ به بحريا ٽائون جيان پنهنجي شخصي خواهش هيٺ وڪرو ڪيو ويو هئو، جنهن وڪري خلاف سنڌ جي ماڻهن سخت مزاحمت ڪئي هئي جنهن جي نتيجي ۾ هن ٻيٽ جو وڪرو رڪجي ويو هئو.

سنڌ حڪومت، سنڌي ماڻهن جو رد عمل ڏسي ٻيٽ جي وڪري واري خواهش ترڪ ڪري ڇڏي هئي، جيڪا خواهش، هاڻ وفاقي حڪومت جي اندر ۾ ڪر کڻي رهي آهي .هي جيڪومت، جيڪا هڪ خاص آشيرواد سان وفاق ۾ جوڙي وئي آهي، جنهن نئين سري کان ڀنڊاڙ ٻيٽ کي وڪرو ڪرڻ جي سازش رٿي آهي ۽ ملڪ جو صدر جيڪو پڻ ڪراچي سنڌ جو آهي، اهو اهڙي سازش جو پرچار ڪري رهيو آهي.

هن حڪومت پاران اهڙو فيصلو سامهون اچڻ کان پوءِ محسوس ايئن ٿي رهيو آهي ته اقتدار ۾ ايندڙ پارٽيون يا شخص، سنڌ دشمنيءَ ۾ هڪ ٻئي سان ساڻ آهن پوءِ اهي ڪٿان جا رهائشي آهن ۽ ڪنهن قون سان تعلق رکن ٿا، اهو سڀ غير اهم آهي، انهن لاءِ اهم اقتدار ئي آهي، جيڪو هن ملڪ جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته سندن نه آهي، هو سڀ اقتدار جي نالي ۾ نوڪريءَ جو مزو وٺن ٿا، پر سندن ذهنيت اها ئي سنڌ دشمنيءَ واري ساڳئي آهي، اختيار ڪنهن ٻئي وٽ آهن حڪمرانن وٽ اختيار اهي ئي آهن جيڪي ڪنهن به اداري جي ڪلرڪ وٽ هوندا آهن، انهن ڪلرڪن جي فقط سڃاڻپ الڳ الڳ ٿيندي آهي.

هٿان جي اصل حڪمرانن کي شايد اها سُڌ اڃا تائين نه پئجي سگهي آهي ته وطنن ۽ ڌرتين جو تقدس ڇا ٿيندو آهي، اهي پنهنجي عمر ۾ فقط نوڪريءَ جو ئي تقدس سمجهي سگهيا آهن. جيڪو عارضي هوندو آهي، ڪيترائي مثال ملي سگهندا.

بحريا ٽائون، ڀنڊاڙ ٻيٽ سميت ٻين ٻيٽن توڻي سنڌ جي زمينن جي نيلامي ڪندڙ حڪمران شايد سمجهه کان عاري آهن، وفاقي حڪومت کي اها خبر هجڻ گهرجي ته سنڌ جي ٻيٽن ۽ زمينن جي نيلاميءَ خلاف سنڌ جا ماڻهو مزاحمت جي ميدان تي آهن، اڳ ئي حالتن کين ڪنهن مزاحمت لاءِ مجبور ڪيو آهي، پر سنڌ جي بنين جي نيلامي هنن جي جيئڻ ۽ مرڻ جو مسئلو آهي. ان ڪري اهڙن مسئلن وڌائڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي البته انهن مسئلن کي سلجهائڻ گهرجي.

سنڌ نه رڳو هن ملڪ جو اهم حصو بڻيل آهي پر هن ملڪ کي جوڙيندڙ وطن پڻ آهي، جنهن کي پنهنجي هڪ سڃاڻپ آهي، صدين جي تهذيب آهي، قديم ٻولي آهي، قديم وطن آهي، جنهن جي سرحدن سان ڪنهن به قسم جي هٿ چراند جي نه هن ملڪ جو قاون اجازت ڏئي ٿو ۽ نه وري آئين اهڙي اجازت ڏئي ٿو. ان ڪري آئين جي پاسداري ٿيڻ گهرجي، اهو حڪمرانن تي قرض آهي.

حڪومتن جون عمريون گهڻي حد تايئن پنجن سالن کان گهٽ عرصي جي دائري ۾ هونديو آهن، ڌرتين جون عمريون صدين تائين هونديو آهن. ان ڪري حڪومتن جي نوڪري ڪندڙن کي اهڙن عملن کان پرهيز ڪرڻ گهرجي جيڪي عمل ڪنهن وطن، ڌرتيءَ ۽ ان جي ٻولي، تهذيب، مستقبل ۽ ماڻهوءَ کي ڪنهن به قسم جو نقصان پهچائين.

جڏهن سنڌ، بلوچستان، پنجاب ۽ خيبر پخونخوا جي ڌارتين ۽ تهذيبن سان اهڙي قسم جي هٿ چراند نٿي ڪئي وڃي ۽ وري وري سنڌ  جي دائري ۾ اهڙي قسم جي هٿ چراند ڪئي وڃي ٿي ته سمجهڻ گهرجي ته حڪمرانن کان نوڪري ڪرائيندڙ اصل واڳ ڌڻين کي هن ملڪ جي ماڻهن سان ڪا به دلچسپي نه آهن، هنن لاءِ اهي ڌرتيون اهم آهن جيڪي سندن ملڪيت بڻجي رهن.

پر تاريخ ڪجهه ٻيو ٻڌائي رهي آهي، دنيا جي تاريخ ڏي نظر ڪبي ته اول آخر ماڻهوئي اهم آهن جن پنهنجي وطن لاءِ هر ڪنهن قسم جي  قرباني ڏيڻ کان ڪيٻايو نه آهي.

هتان جي حڪمرانن کي ستر واري ڏهاڪي مان ئي سبق سکڻ گهرجي، وطن، سلامت رهڻا آهن، انهن تي ڏاڍ سان حڪمراني ڪندڙ دفن ٿي وڃڻا آهن، ڀنڊاڙ ٻيٽ سنڌ ڌرتيءَ جو هڪ اٽوٽ حصو آهي، ان کي وڪرو ڪرڻ جو حق وفاقي حڪومت کي بنهه نه آهي.

سنڌين کي اهڙي ڪا به تعمير قبول نه آهي جيڪا سندن وجود ۽ ڌرتيءَ کي ختم ڪرڻ جي بنيا تي ڪئي وڃي، اهڙي ڪنهن به عمل کان حڪومت کي پاسو ڪرڻ گهرجي، جنهن عمل سان هن ملڪ جي پرامن رهندڙن جي دل آزاري ٿئي ۽ اُهي محسوس ڪن ته خاص مقصدن ۽ ڪن خاص طبقن جي خواهشن تي هتان جي عام ماڻهن، طبقن ۽ قومن جي مفادن کي نظر انداز ڪيو پيو وڃي! اهڙا عمل ڪنهن به طرح هن ملڪ جي آئيندي لاءِ اڻ وڻندڙ نتيجا آڻيندا.

ان ڪري حڪومت جي نالي ۾ نوڪري ڪندڙن کي گذارش آهي ته ڀنڊاڙ ٻيٽ سميت سنڌ جي ڪنهن به ٻيٽ توڻي سنڌ جي زمينن جي نيلامي واري عمل کان پاسو ڪن، هيءُ اهڙو عمل آهي جيڪو ملڪ جي سلامتيءَ لاءِ پڻ سوال جونشان بڻجي سگهي ٿو، ان ڪري ڪنهن به حڪومت، جنهن جي عمر پنج سال آهي ان کي اهڙو اختيار نه آهي ته اها وطنن، ڌرتين ۽ انهن جي وسيلن جي نيلامي ڪري، خاص طور سنڌ اهڙ عمل مان گذري رهي آهي ۽ سنڌ جو ماڻهو اهڙن عملن کان بيزار آهي، اهڙو ڪو به عمل نه ٿيڻ گهرجي جيڪو ان بيزاريءَ جو دائرو ويڪرو  ڪري.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.