بلاول لفظن جي لڄ رکجان

ڄام صنم سنڌي

اڄڪلھه سياسي جلسن جلوسن ۽ ريلين ۾ پيسن تي ڪرائي جا ماڻھو وٺي اچڻ جو رواج عام ٿي ويو آھي، ڇو ته عوام کي خبر آھي ته جن لاءِ نعرا ھڻڻ ٿا وڃون اھي اسان لاءِ ڪجھ به ڪونه ڪندا تنھن ڪري انھن مان ٻيو ڪجهھ نه سھي پيسا ئي ڪڍي وٺون پر اھو دور گھڻو پراڻو ڪونھي جو ڪنھن کي ياد نه ھجي جڏھن ھڪ نعري تي بنا ڪنھن لالچ جي لکن جي تعداد ۾ ماڻھو عشق ۽ جنون منجھان نٽھڻ اس ۾ سخت پاري ۾ مٿي، لڱين اڳاڙي سھڪندا، مرڪندا، چھڪندا ۽ جھومندا ميلن جا ميل مفاصلو طئي ڪري جلسن ۾ پھچندا ھئا.

انھن جلسن ۾ سڀ ميرڙا سيرڙا، مسڪين، غريب، ھاري، ناري، مزدور مارو ماڻھو، ھارياڻيون، ڪولھڻيون، ڳوٺاڻيون سادڙيون سودڙيون عورتون ھونديون ھيون اڄ ڪلهھ جو اسٽينڊرڊ ٽائيپ طبقو يا برگر ڇوڪرا ڇوڪريون نه ھوندا ھئا ڇو ته اھي جلسا عوامي اڳواڻن، قومي ھمدردن ۽ غريبن سان محبت ڪندڙ ليڊرن جا ھوندا ھئا.

وري اھڙو ڪارو دور وريو جو وارو وڄائڻ وارا پاڻ ملھائي شھادت جو رتبو ماڻي ويا پر سندن وراثت تي ھڪ ھٽي قائم ڪرڻ وارا اچي ويٺا، عوام بجاءِ ھڪ مخصوص ذات جي ڪوٽا سسٽم جو بنياد وجھي ميرٽ، تعليم، اھليت ۽ قابليت کي قتل ڪري ڪجھه درجا پاس ماڻھن کي اسٽيل مل، اڱوٺي ڇاپ کي سنڌ بينڪ ۾ اھم عھدو، نالو نه لکي سگھندڙ ڇوڪرين کي ليڪچرر، کير ۽ ڪتل وڪڻڻ وارن کي سياسي عھدا ۽ ڪلهھ جي ڪنڊيڪٽرن کي راتو رات اڄ جو جاگيردار ۽ زميندار بنائي اصل عوام جي حقن جو استحصال ڪري ”بينظير آئي گي روزگار لائي گي“ جي نعري کي پامال ڪيو ويو.

ھن وقت جڏھن بلاول ڀٽو سنڌ جي مختلف شھرن جا دورا ڪري رھيو آھي، برسات متاثر ميرپورخاص، بدين، ساگھڙ، گولاڙچي، ٿرپارڪر ۽ ٻين شھرن ۾ ماڻهو سندس شاندار ۽ تاريخي آجيان ڪري رھيا آھن اتي سندس جاري ٿيل اھا وڊيو ڏسي لڙڪ لڙي پيا جنھن ۾ برسات سبب سڀ ڪجهھ ٻڏي ويل مسڪين عورتون، امڙيون کيس ڳل لائي مٿو چمي واري واري سان اھو چئي رھيون ھيون ته ”اسان کي ڪجهھ نه گھرجي بس تون آئين سڀ ڏک سور ختم ٿي ويا بينظير جا لاڏلا“ انھن غريب ۽ بي يارو مددگار عورتن جا اھي لفظ تاريخ ۾ سونھري اکرن سان لکڻ جھڙا آهن ڇو ته انھن لفظن ۾ سندن محبت، جذبو، عشق، ايثار، قرباني ۽ وفاداري آھي جيڪا شھيد ڀٽي ۽ ان جي نياڻيءَ سان نباھ جو نه وسرندڙ وچن پئي لڳي ڇو ته بلاول ڀٽو صاحب! اھو ذوالفقار علي ڀٽو ھو جيڪو پيرين اگھاڙي، محبت ڪندڙن سان ملڻ ايندو ھو جيڪو ٻوڏن ۽ برساتن ۾ غريبن سان گڏ بندن تي بيٺو ھوندو ھو، جيڪو جمعي فقير جھڙن سان قبرستان ۾ ملڻ ويندو ھو.

اھا بيگم نصرت ڀٽو ھئي جيڪا اسٽيڊيم ۾ لٺيون جھليندي ھئي، جيڪا حقدارن ۾ امداد پنھنجي ھٿن سان ورھائيندي ھئي، اھو مير مرتضيٰ ڀٽو ھو جيڪو ايوانن ۾ عوام ۽ ڌرتيءَ لاءِ آواز اٿاريندو ھو ۽ غريباڻي ھوٽلن تي چانهھ پيئندو ھو ۽ اھا شھيد راڻي تنھنجي ماءُ ھئي جيڪا ڌرتيءَ لاءِ ڪمون شھيد تي قومپرستن سان گڏ ڌرڻا ھڻندي ھئي، جيالن جي گھرن ۾ وڃي نکن تي ويھندي، اٻوجهھ عورتن کي ڳلي لائيندي، شھيدن جي گھر گھر وڃي تعزيتون ڪندي، سندن مائرن کي سيني سان لائي پرچائيندي، سندن ٻارن کي ڀاڪر پائيندي ۽ ميرين پبلڪ بينچن تي ويھي عوام جا مسئلا ٻڌندي ھئي ڇو ته انھن سِر، سوري ۽ شھادت واري سياست ڪئي مصلحيت واري نه.

بلاول! ھاڻي اھو توتي منحصر آھي ته ڪائنات جي عظيم ڏوهٽن جي پيروي ڪندي ناني ۽ وطن سان ٿو نڀائين يا نمرودن جو ساٿ ٿو ڏين. بلاول! انھن اٻوجھ عورتن جون دعائون ۽ لفظ قرض آھن توتي. فيصلو توکي ڪرڻو آھي رڳو اجرڪ جو ماسڪ پائي ۽ ڪانسرٽ ڪرائي دليون کٽي ناھن سگھبيون، اھي دعائون، اھي لفظ انھيءَ ڳالهھ جي اميد آھن ته سنڌ جو عوام اڃان توکي پنھنجو سمجھي تو ۾ اميد ٿو رکي سنڌ جا مظلوم ٻار، غريب، مسڪين، محڪوم، بيروزگار، اقليتون، انصاف لاءِ آتيون نياڻيون، اغوا ۽ کنڀي گم ڪيلن جون مائرون، سنڌ جي وحدت، ننگ ۽ دنگ سڀ توکي چئي رھيا آھن ته بلاول! لفظن جي لڄ رکجان نه توکي تاريخ ڪڏھن به معاف نه ڪندي، ھاڻي تون پاڻ سوچ ته سنڌ مان مليل پيار جي موٽ ڏيندي ڳڙھي خدا بخش ۾ ستل شھيدن جا ڳاٽ اوچا ٿو ڪرين يا اقتدار جي پڄارين جي پوئواري ڪندي تاريخ جي ورقن ۾ پنھنجو وجود وڃائي ڇڏڻ ٿو چاھين، ڪو به فيصلو ڪرڻ کان پھرين  لفظن جي لڄ رکجان..

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.