اجتمائي زيادتيءَ جا واقعا ڪڏھن گھٽبا؟

حامد مير

توهان کي مختاران مائي ته ياد هوندي. جيڪڏهن نه ته دماغ تي ٿورو زور ڏيو. 2002ع ۾ ضلعي مظفر ڳڙهه جي تحصيل جتوئي جي هڪ ڳوٺ مير والا ۾ مختاران مائي جو گينگ ريپ ٿيو هو. اهو ظلم هڪ مقامي قبيلي جي جرڳي جي فيصلي جو نتيجو هو. مختاران مائي جي هڪ ڀاءُ تي شڪ ڪيو ويو ته ان جا ڪنهن ڇوڪريءَ سان ناجائز لاڳاپا هئا. پهرين ته ان جي ڀاءُ سان اجتماعي زيادتي ڪئي وئي ۽ پوءِ مختاران مائي کي جرڳي ۾ گھرائي اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو.

ان تي ئي بس نه ٿيو پر ان مظلوم عورت جا ڪپڙا ليڙون ليڙون ڪري، ان کي اگھاڙي حالت ۾ سڄي ڳوٺ ۾ گھمايو ويو. جرڳي وارن جو خيال هو ته مختاران مائي ان ظلم تي خاموش رهندي پر ان پاڻ سان زيادتي ڪندڙن ۽ جرڳي جي ميمبرن تي ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو.

ميڊيا مختاران مائي جي ڀرپور حمايت ڪئي جنهن تي ان وقت جو حڪمران جنرل پرويز مشرف وڏو ڪاڙويو هو. بهرحال ڊيره غازي خان جي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت مختاران مائي سان گينگ ريپ ڪندڙ ڇهن ماڻهن کي ڦاهيءَ جي سزا ٻڌائي ڇڏي.

انصاف ملڻ کانپوءِ مختاران مائي جي ڏکياين جي هڪ نئين دور جي شروعات ٿي وئي. ان ڪيس ۾ سزا مليلن کي علائقي جي اهم سياسي شخصيتن جي ڀرپور حمايت حاصل هئي. هڪ پاسي هاءِ ڪورٽ جوابدارن جي سزا معطل ڪري ڇڏي ته ٻئي پاسي حڪومت مختاران مائي جو نالو ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ وجھي ڇڏيو.

ڊڪٽيٽر مشرف کان واشنگٽن پوسٽ پڇيو ته توهان جي حڪومت گينگ ريپ جو شڪار هڪ مظلوم عورت جي چر پر تي پابنديون ڇو لڳائي رهي آهي ته همراهه جواب ڏنو ته، اهوڪاروبار بڻجي چڪو آهي، جنهن کي به ڪينيڊا جي ويزا لڳرائڻي هوندي آهي يا ڊالر ڪمائڻا هوندا آهن ته اهو گينگ ريپ جو الزام هڻي سڀ ڪجھه ماڻي وٺندو آهي. پوءِ مختاران مائيءَ کان ان جو پاسپورٽ به کسيو ويو.

جڏهن انساني حقن جي تنظيمن ۽ ميڊيا هُل ڪيو ته پاسپورٽ واپس ڏنو ويو. مختاران مائي کي ظلم خلاف آواز اٿارڻ تي پرڏيهه ۾ ته وڏي مقبوليت ملي پر پاڪستان ۾ ان کي تڪراري بڻايو ويو. هوءَ انصاف لاءِ سپريم ڪورٽ وئي پر پوليس پاران پڪا ثبوت فراهم نه ڪرڻ تي اعليٰ عدالت به جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو.

توهان سوچي رهيا هوندا ته مختاران مائي ڇو ياد اچي وئي؟ جڏهن لاهور پوليس جي سربراهه عمر شيخ تازو ئي گجر پوره ويجھو موٽروي تي ٽن ٻارن جي سامهون انهن جي ماءُ سان ٻن ماڻهن پاران ريپ جي وردات تي چيو ته، ان گھران نڪرڻ کان اڳ پيٽرول ڇو چيڪ نه ڪيو۽ هوءَ رات جي وقت جِي ٽِي روڊ بدران موٽر وي ذريعي گوجرانوالا ڇو رواني ٿي؟ ته مونکي پرويز مشرف ياد اچي ويو. ظلم جو شڪار عورتن کي ئي ظلم جو ذميوار قرار ڏيڻ جي روايت ان ئي وطن عزيز ۾ وڌي هئي. مونکي عمر شيخ جي لهجي ۾ پرويز مشرف ڳالهائيندي نظر آيو.

جيڪڏهن مشرف قوم جي هڪ مظلوم نياڻيءَ جي مذمت ڪرڻ بدران ان سان گڏ بيهي وڃي ها ۽ گينگ ريپ جي جوابدارن کي عدالتن مان سزا ڏياري ها ته 2018ع ۾ قصور جي ستن ورهين جي زينب سان شايد زيادتي نه ٿئي ها ۽ ان معصوم کي قتل نه ڪيو وڃي ها. هاڻي سوال اهو آهي ته معصوم زينب جي قاتل عمران علي کي ڦاهي جي سزا ملي وئي آهي. ان کي عبرت جو مثال ته بڻايو ويو پر ان جي باوجود ننڍن ٻارن سميت عورتن سان زيادتي جا واقعا بند نه ٿيا نه ئي گھٽجي سگھيا آهن.

آخر ڇو؟ 12 سيپٽمبر جي شام پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار نئين آءِ جي پنجاب انعام غني سان گڏ هڪ پريس ڪانفرنس جي شروعات ڪئي ته مونکي 2018ع ۾ ان وقت جي وڏي وزير شهباز شريف جي پريس ڪانفرنس ياد اچي وئي جڏهن هن معصوم زينب جي قاتل جي گرفتاري جو اعلان ڪيو. بوزدار صاحب پنهنجي نئين آءِ جي سان گڏ ويهي جيڪا پريس ڪانفرنس ڪئي ان ۾ قاتلن جي گرفتاري نه پر ان جي فرار ٿيڻ جو اعلان ڪيو ويو.

هي پاڪستان جي سياسي تاريخ جي هڪ انوکي پريس ڪانفرنس هئي جنهن ۾ حڪومت وڏي فخر سان پنهنجي ناڪاميءَ جو اعلان ڪيو. جوابدارن جي نشاندهي ميڊيا ذريعي پهرين ٿي چڪي هئي. اميد آهي ته پنجاب پوليس هن ڀوائتي واقعي جي ڏوهارين کي گرفتار ڪري وٺندي.

مونکي پڪ آهي ته هنن پٿر دل انسانن کي سزا به ضرور ملندي پر ڇا ان سزا کانپوءِ ٻارن ۽ عورتن خلاف ان قسم جا ڏوهه گھٽجي ويندا؟ اهڙن ڏوهن ۾ ملوث ماڻهن کي پڪ هوندي آهي ته اهي بچي ويندا. موٽروي تي عورت سان زيادتيءَ ۾ ملوث هڪ جوابدار عابد علي اڳ به گينگ ريپ جي هڪ واردات ۾ ملوث رهيو آهي پر سزا کان بچي ويو هو.

اهو ئي اصل سبب آهي. ان قسم جي ڏهن مان صرف هڪ يا ٻن واقعن ۾ جوابدارن کي سزا ملندي آهي ۽ سزا ڏيارڻ لاءِ به مظلوم زور لڳائيندا آهن، رياست زور ناهي لڳائيندي. اڃا ڪجھه مهينا اڳ جي ڳالهه آهي. سنڌ جي شهر سيوهڻ ۾ هڪ عورت پسند جي شادي ڪئي ته ان جي پيءُ جي شڪايت تي پوليس عورت کي گرفتار ڪيو ۽ سول جج جي عدالت ۾ پيش ڪيو. سول جج والد ۽ پوليس کي چيو ته توهان عدالت مان ٻاهر وڃو آئون ڇوڪريءَ کان ان جي مرضي معلوم ڪرڻ چاهيان ٿو. جج عورت کان پڇيو ته تو کي والد سان گڏ وڃڻو آهي يا مڙس سان؟ عورت چيو ته مڙس سان گڏ وڃڻو آهي ته جج صاحب عورت کي پنهنجي چيمبر ۾ گھرايو ۽ لڄ لٽي وڌي. عورت جي شڪايت تي ڪيس ته داخل ٿي ويو پر جج کي سزا نه ملي.

گھڻو پراڻي ڳالهه ناهي. اوڪاڙه ۽ ڪراچي جي علائقي لانڍي ۾ تازين قبرن مان عورتن جا لاش ڪڍي انهن جي عزت لٽيندڙ جوابدار گرفتار ڪيا ويا. ٻنهي کي سزا نه ملي. هي ڪهڙو مسلمان معاشرو آهي جتي جيئرين ته ڇا فوت ٿي ويل عورتن جي عزت به محفوظ ناهي. مون هڪ ماهرِ نفسيات سان ان بابت ڳالهايو ته هن وڏا ڊگھا سبب بيان ڪري ڇڏيا. آئون انهن سببن ۾ وڃڻ نٿو چاهيان. منهنجي ناقص راءِ ۾ مردن کي پنهنجو سوچڻ جو انداز تبديل ڪرڻو پوندو ۽ سڀ کان وڌيڪ اهو ته قانون کي سڀني لاءِ برابر ڪرڻو پوندو.

تحريڪ انصاف جي دور ۾ موٽروي تي هڪ عورت جو نه پر انصاف جو ريپ ٿيو آهي. انصاف سان ريپ ڪرڻ جي جرئت ان وقت پيدا ٿيندي آهي جڏهن حڪومتِ وقت للڪاري چئي رهي هجي ته اسان نواز شريف کي پاڪستان واپس آڻينداسين، ڇو جو هو اشتهاري آهي، جڏهن ڪو پڇي ته آئين سان ريپ ڪندڙ پرويز مشرف به ته اشتهاري آهي ته ان کي ڪڏهن آڻيندئو؟ ته حڪومت جا وزير سوال پڇڻ واري کي نواز شريف جوحمايتي قرار ڏئي وجھندا آهن. جنهن ملڪ ۾ طاقتور ۽ مظلوم لاءِ ڌار ڌار قانون هجن اتي انصاف جو ريپ نه ٿو روڪي سگھجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.