سنڌ جي ٻيٽن جي والار ۽ ٿيندڙ سازشون

صاحب خان ڀٽي

سڄي دنيا ڪورونا کي منهن ڏيڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي پر بدقسمتي سان اسان جي ملڪ ۾ هڪ سازش تحت بدامني پکيڙي پئي وڃي، ننڍن صوبن جي وسيلن تي قابض ٿيڻ لاءِ پاليل دهشتگردن کي مڪمل ڇوٽ ڏني  وئي آهي، ملڪ ۾ قانون نالي ڪا به شيءَ نظر نه اچي رهي آهي، وفاقي توڙي صوبائي حڪومتون رڳو بيان ڏيندي نظر اچي رهيون آهن، ڪراچي تي به هڪ ڀيرو ٻيهر اڳوڻي آمر ضياءَ الحق واري سياست شروع ڪئي وئي آهي، جنهن سان هڪ ڀيرو ٻيهر  سنڌ دشمنن کي ڳالهائڻ جو موقعو ملي ويو آهي، سنڌي قوم کي هڪ اهڙي اشو ۾ ڦاسايو ويو آهي، جنهن سان هن ملڪ جو وجود به لڏي سگهي ٿو  پر ان باوجود وفاقي سرڪار اهڙي سازش کي هٿي ڏئي رهي آهي،

سنڌي قوم انهيءَ اشو ۾ ڦاٿل آهي ۽ سنڌ سرڪار توڙي وفاقي سرڪار ٻيٽن کي وڪرو ڪرڻ  جون تياريون ڪري رهيون آهن، هي اهي ئي ٻيٽ آهن، جن کي اڳوڻو آمر جنرل پرويز مشرف به وڪرو ڪرڻ چاهي پيو، پر سنڌ جي ساڃاهه وندن ان جي مڪمل مخالفت ڪئي هئي پر هن ڀيري ڪو آمر نه پر نالي ماتر سڏرائيندڙ پي ٽي آءِ جي جمهوري حڪومت آهي، جنهن سنڌ جي وسيلن کي مالي غنيمت سمجهي ڦرلٽ شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ روايتي طور پيپلزپارٽي مخالفت ڪندي نظر اچي رهي آهي، سنڌ جا دشمن به سنڌ جي وحدت تي وار ڪري رهيا آهن ۽  قومي اردو ميڊيا به ان سازش جو حصو بڻجي وئي آهي، اهڙي حساس معاملي تي پيپلزپارٽي جي خاموشي به هڪ سواليا نشان آهي، هڪ ئي وقت سنڌ ۾ مذهبي فرقيواريت، سنڌين کي کنڀي گم ڪيلن جي آزاديءَ لاءِ احتجاج ڪندڙن تي حملا، ٻيٽن جو وڪرو ۽ سنڌ جي زمينن تي قبضو ڪرڻ جون سازشون آخر ڪيڏانهن اشارو ڪري رهيون آهن، آخر سنڌ جون هڏ ڏوکي تنظيمون هيل تائين خاموش ڇو آهن، آمريتي دور ۾ به قومپرست ڌريون روڊن تي هونديون هيون پر  پي ٽي آءِ جي حڪومت ۾ سنڌ جي وسيلن جي حفاظت جون دعويدار تنظيمون هن وقت ڪٿي گم آهن، ڇا تحريڪ انصاف جي حڪومت آمريت جي دور کان به وڌيڪ خطرناڪ آهي؟ جو ماڻهو پنهنجي وطن جي حقن لاءِ به احتجاج ڪرڻ کان ڪيٻائي رهيا آهن، آخر ڇو سنڌ جون قومپرست تنظيمون سنڌ جي ٻيٽن تي والار واري معاملي تي خاموش آهن؟ ان جو جواب ته وقت ئي ڏيندو ته آخر اهڙين سازشن پٺيان وفاق جو ڪهڙو  مقصد آهي؟

وفاقي سرڪار ڀنڊاڙ ٻيٽ تي شهر اڏڻ واري منصوبي تي عمل لاءِ صلاح مشورا تيز ڪري ڇڏيا، ان تي سنڌ جي حڪمران جماعت پيپلزپارٽي جو موقف چٽو نظر نه آيو پر سوشل ميڊيا تي سنڌي قوم سخت رد عمل ظاهر ڪيو آهي، صدر عارف علوي چيو آهي ته ڀنڊاڙ آئيلينڊ ۽ راول سٽي پرڏيهي سيڙپڪارن لاءِ پُرڪشش منصوبا آهن. آهن. گورنر هائوس ۾ صدر عارف علوي جي صدارت هيٺ اهم اجلاس دوران وڏن بلڊرز سوڌو ڪاروباري شخصيتن کي ٻڀنڊاڙ ٻيٽ تي شهر اڏڻ واري پلان بابت تفصيلي آگاهي ڏني وئي، اجلاس ۾ گورنر عمران اسماعيل، ملڪ رياض، عقيل ڪريم ڊيڊي، عارف حبيب ۽ ٻين شرڪت ڪئي هئي.

جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هي ڪراچي سنڌ جو اهو شهر آهي، جيڪو ملڪ ٺهڻ کان اڳ روشنين جو شهر سڏيو ويندو هو، جنهن ڏينهن کان هي ملڪ ٺهيو آهي، ان ڏينهن کي هن شهر کي عالمي يتيم خانو بڻايو ويو آهي، پيپلزپارٽي جي حڪومت هجي يا وري آمريتي دور، هر دور ۾ هن شهر ۾ ڌرتيءَ ڌڻين سان ماٽيليءَ ماءُ وارو سلوڪ ڪيو ويو آهي، پيپلزپارٽي جي دور ۾ به بلڊرز مافيا سنڌين جون قديم وسنديون ڊاهيون ۽ پيپلزپارٽي به انهن جو ساٿ ڏنو پر بلڊرز مافيا توڙي پيپلزپارٽي ڪڏهن به افغانين، بنگالين ۽ بيهارين جي بستين ۽  ڪالونين کي ناهي ڊاهيو؟ آخر انهن جا گهر ڇو نه ٿا ڊاٿا وڃن، پيپلزپارٽي ڌارين آڏو گوڏا کوڙڻ ۾ دير ناهي ڪندي ۽ پنهنجن خلاف ترت ڪارروائي ڪندي آهي، تازو پيل برساتن ۾ به ڪراچي ۾ ڪجهه علائقن ۾ پاڻي بيهڻ تي نيشنل ميڊيا رڻ ٻاري ڏنو ۽ ٻين شهرن ۾ ٻوڏ تباهي مچائي پر تعصب پرست نيشنل ميڊيا ڪا مثبت رپورٽنگ نه ڪئي، وزيراعظم عمران خان به رڳو هڪ شهر لاءِ پيڪيج ڏئي هليو ويو يتي ٻوڏ متاثرن جي ڪا به سار نه لڌي، لڳي ٿو ته هن ميانوالي جي رهواسي کي رڳو لاهور، اسلام آباد، پشاور ۽ ڪراچي جو وزيراعظم بڻايو ويو آهي، ٻيا شهر کيس نظر ئي نٿا اچن.

بهرحال سنڌ جي ڪيترن قديمي ماڳن تي قبضو ٿيل آهي، ڪيتريون ئي تاريخي عمارتون ڊاهي پٽ ڪري وڏيون وڏيون عمارتيون بيهاريون ويون آهن، پر پنجاب سرڪار پنهنجي قلعن ۽ تاريخي عمارتن کي محفوظ ڪيو آهي، انهن کي تفريحي ماڳن ۾ تبديل ڪيو ويو آهي پر بدقسمتي سان اسان جي قديمي تاريخي عمارتن ۾ ته سرڪاري ادارا قائم آهن يا وري انهن ۾ ماڻهو آباد ٿيل آهن، جن کي اٿارڻ سنڌ سرڪار جي وس جي ڳالهه نه آهي، رهي ڳالهه سنڌ جي ٻيٽن جي ته ان تي به وفاق جي ڪرڙي نظر آهي، جيڪي ڪنهن به وقت بلڊرز مافيا جي وات ۾ هليا وڃي سگهن ٿا وفاقي حڪومت جيئن بحريا ٽائون کان اربين روپيا ورتا، تيئن سنڌ جي ٻيٽن تي به اربين روپيا وٺي خاموش ٿي ويهي رهندي.

جيڪڏهن پيپلزپارٽي چاهي ته جيڪا هن وقت سنڌ ۾ ڇڪتاڻ واري صوتحال آهي، اها ختم ٿي سگهي، پيپلزپارٽي بينظير جي شهادت کانپوءِ مسلسل ڪڏهن وفاق ته ڪڏهن صوبي ۾ اقتدار ۾ اڪثريت سان موجود آهي، سنڌ اسيمبليءَ ۾ به پيپلزپارٽيءَ جي اڪثريت آهي، جيڪڏهن پاڪستان کي ٺاهڻ لاءِ سنڌ اسيمبليءَ ۾ ٺهراءَ  پيش ٿي سگهي ٿو ته پوءِ سنڌ  خلاف ڳالهائيندڙن کي غدار قرار  ڏيڻ لاءِ به ٺهراءَ پيش ٿي سگهي ٿو،  جيڪڏهن ملڪ خلاف ڳالهائيندڙ غدار ٿي سگهي ٿو ته پوءِ سنڌ ته هن ملڪ جي خالق آهي، ان خلاف ڳالهائيندڙ ته مها غدار آهي، انهن خلاف ڪارروائي ڪرڻ سنڌ سرڪار جو فرض بڻجي ٿو. جيڪڏهن پيپلزپارٽي اهو ٺهراءَ سنڌ اسيمبلي مان منظور ڪرايو ته سنڌ خلاف ڳالهائيندڙ غدار خاموش ٿي ويندا ۽ وفاقي حڪومت ۾ ويٺل سنڌ دشمنن جا وات بند ٿي ويندا.

ميڊيا ۾ ڪم ڪندڙ سنڌ دشمن صحافين جا به وات کلڻ ناممڪن ٿي ويندو، رهي ڳالهه سنڌ جي قديمي ٻيٽن جي ته انهن کي  سنڌ سرڪار تفريحي ماڳن ۾ تبديل ڪري، پارڪ ٺهرائي ٻيٽن کي خوبصورت بڻائي ته جيئن وفاق سنڌ جي ٻيٽن کي وڪرو نه ڪري سگهي، ڪافي عرصي کان ٻيٽن تي ڪو به سنڌ سرڪار ڪم ناهي ڪرايو، سنڌ دشمنن جون نظرون به انهن ٻيٽن تي آهن، سنڌ سرڪار چاهي ته ٻيٽن تي يونيورسٽيون ۽ هاسٽل به ٺاهي سگهي ٿي، جنهن سان سنڌ جا ٻيٽ محفوظ رهندا ۽ ڌارين جي هٿن ۾ به وڃڻ کان محفوظ رهندا. عوامي جمهوري پارٽي جي اڳواڻن چيو آهي ته سنڌ کي عالمي يتيم خانو بنائڻ وارو خواب پراڻو آهي جيڪو ڪڏهن به پورو ٿيڻ نه ڏينداسين. وزيراعظم جو ڀنڊاڙ ٻيٽ تي شهر اڏڻ جو خيال سنڌين کي پنهنجي ڌرتيءَ تي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ واري سازش  جي هڪ ڪڙي آهي. سنڌ جا ٻيٽ ۽ سنڌ جي زمين ڀڳڙن مٺ تي وڪرو ڪري ڌاريا آباد ڪيا پيا وڃن.

ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته پيپلزپارٽي به ڪيترن ئي ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائي ڏنا آهن، جنهن سبب ڪراچيءَ ۾ ڌارين جو ووٽ بيڪ وڌي رهيو آهي، پيپلزپارٽيءَ کي لالچ آهي ته کيس ووٽ ملندو پر سدائين پيپلزپارٽي کي رڳو سنڌين ئي ووٽ ڏنو آهي ان باوجود اقتدار خاطر حڪمران جماعت سنڌ ۾ ڌارين کي قانوني حق ڏئي رهي آهي ۽ سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ واري سازشن ۾ ٻٽ بڻيل آهي، ان جو چٽو ثبوت اهو به آهي ته ڪراچيءَ جون ڪيتريون ئي قديم سنڌي وسنديون آهن، جيڪي هيل تائين پيپلزپارٽي ليز ناهي ڪري سگهي پر افغانين، بنگالين، بيهارين، برمين ۽ ايراني وڏي دهشتگردي سان هٿي ترسيل آهن، جيڪڏهن حڪمران جماعت موجوده حالتن ۾ سنڌ جي قديم ٻيٽن کي محفوظ بڻائڻ سنڌ خلاف ڳالهائيندڙن جا وات بند نه ڪيا ته تاريخ ۾ اهي ڪهڙن لفظن ۾ لکيا ويندا، کين چڱي ريت خبر هئڻ گهرجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.