نيب کي صوبائي وزير انور سيال جي گهر تي ڇاپا نه هڻڻ جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر) نيب کي اختيار نه آهي ته سرچ وارنٽ بنا ڪنهن جي گهر تي ڇاپو هڻي، سنڌ هاءِ ڪورٽ نيب کي صوبائي وزير انور سيال ۽  سندس مائٽن جي گهرن تي ڇاپا هڻڻ کان روڪي ڇڏيو، جسٽس ڪي ڪي آغا ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته نيب ڪنهن جي گهر وڃي بنا جواز عورتن کي هراسان نٿو ڪري سگهي، نيب اهلڪارن کي گهرجي ته ڇاپن دوران عورت پوليس اهلڪارن کي وٺي وڃي، نيب کي معاشري ۽ اُن جي قدرن جو به خيال رکڻو پوندو، ٻڌڻي دوران نيب پراسيڪيوٽر چيو ته سهيل انور سيال ۽ ٻين جوابدارن خلاف انڪوائري مڪمل ڪري ورتي آهي، سهيل سيال ۽ ٻين جي ملڪيتن جو ڪاٿو لڳائڻ وارو ڪم رهيل آهي، تنهن ڪري رپورٽ جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت ڏني وڃي، عدالت سهيل انور سيال، ظفر سيال ۽ جميل سومرو جي ضمانت ۾ 12 نومبر تائين واڌ ڪندي نيب کي ايندڙ ٻڌڻي تي اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.