ڪي پي ڪي ۾ عمران خان جو ويجهو دوست قتل

هريپور (م ڊ ) آمريڪي واپاري ۽ خيبرپختونخواهه ۾ تحريڪ انصاف جو اڳواڻ ملڪ طارق اقبال هٿياربندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويو.  رپورٽ موجب ملڪ طاهر اقبال هريپور ۾ ويجهي مائٽ جي  جنازي نماز ۾ شرڪت ڪري واپس وڃي رهيو هو ته ڪوٽينره جي هنڌ تي اڻڄاتل جوابدارن سندس گاڏي مٿان فائرنگ ڪري ڏني،فائرنگ سبب ملڪ طاهر  اقبال ٿڏي تي ئي مارجي ويو. جڏهن ته  ڊرائيور سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا.واقعي بعد  جوابدار فرار ٿي ويا.ملڪ طاهر اقبال جو آمريڪا ۾ ڪاروبار ۽ هو وزيراعظم عمران خان جي ويجهن دوستن مان هو.ڪي پي ڪي جي وڏي وزير محمود خان واقعي جو نوٽيس وٺندي آءِ جي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.