ڪراچي ۾ ڊي جي ڪاليج جي گرائونڊ تي قبضي جي ڪوشش، ڀت پٽ، استادن جي مزاحمت، ڌرڻو

ڪراچي(رپورٽر ) ڪراچي ۾ تاريخي ڪاليج ڊي جي سائنس ڪاليج جي گرائونڊ تي رينجرز طرفان قبضي جي ڪوشش، ديوار ڊاهي ڇڏي، استادن جي مزاحمت، 6 ڪلاڪ ڌرڻو، اڄ وزيراعليٰ هائوس وٽ روڊ تي احتجاج جو  اعلان، پڙهائي به گرائونڊ ۾ ٿيندي، ڪالهه رينجرز جناح ڪورٽس واري هيڊڪوارٽر سان لڳندڙ ڊي جي سائنس ڪاليج جي گرائونڊ جي ديوار ڊاهي ڇڏي، ديوار ڊاهڻ بعد رينجرز طرفان گيٽ لڳائڻ جون تياريون ڪيون ويون ته اطلاع تي استادن جو وڏو انگ پهچي ويو، استادن پرنسپال جي اڳواڻي ۾ سخت مزاحمت ڪئي ۽ گرائونڊ تي ئي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا ۽ نعريبازي ڪئي. احتجاج کانپوءِ رينجرز جي ڪرنل سطح جي آفيسر استادن کي گھرائي ڳالهيون ڪيون، ڳالهين ۾ ڊي جي سنڌ گورنمينٽ ڪاليج جو پرنسپال شهزاد مسلم، ڪامرس ڪاليج جو پرنسپال سيد سرور علي شاهه ۽ پروفيسر  قاسم راڄپر  شامل هئا. ڳالهين دوران رينجرز اختيارين استادن کي ٻڌايو ته اسان گرائونڊ تي قبضو نه پيا ڪريون پر اسان کي هيڊ ڪوارٽر جي پوئين پاسي کان رستي جي ضرورت آهي، اسان چاهيون ٿا ته گيٽ ٺاهيون. جنهن تي استادن رينجرز اختيارين کي کتو جواب ڏيندي چيو ته گرائونڊ ڪاليج جي ملڪيت آهي، انهي گرائونڊ ۾ شاگرد رانديون رهن ٿا، صحت مند سرگرمين ۾ حصو وٺن ٿا، ڪاليج جي ملڪيت تي گيٽ ٺاهڻ نه ڏينداسين. استادن موجب رينجرز اختيارين استادن جي موقف جي تائيد ڪندي معذرت ڪئي ۽ چيو ته اسان اوهان کي ديوار ٺاهي ڏينداسين، جنهن تي استادن جي وفد چيو ته ديوار اسان پاڻ ٺاهينداسين، اسان ريتي بجري ۽ ٻيو سامان گھرايو آهي. استادن موجب رينجرز اختيارين انهي ڳالهه کي مڃيندي چيو ته ڀلي ديوار تعمير ڪرائي وڃي، رينجرز کي ڪو به اعتراض نه هوندو. ڳالهين بعد استاد رينجرز طرفان ڊاٿل ديوار ٻيهر تعمير ڪرائڻ آيا ته اهلڪارن روڪي ورتو ۽ چيو ته اختيارين جي اجازت کانسواءِ ديوار ٺاهڻ نه ڏني ويندي. جهن تي استاد ٻيهر گرائونڊ تي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا. پروفيسرن ۽ ليڪچرارن جي تنظيم سپلا رينجرز جي اهڙي عمل جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته رينجرز اڳ ۾ ئي ڊي جي ڪاليج جي انٽرنيشنل هاسٽل تي قابض آهي، هاڻي گرائونڊ تي قبضي جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، اڳ ۾ به گرائونڊ تي قبضي جي ڪوشش ڪئي وئي هئي پر استاد ۽ شاگردن ان کي ناڪام بڻايو، 3 هزار شاگرد لاءِ اهو گرائونڊ آهي، جنهن تي شاگر رانديون رهن ٿا، شاگردن کان صحتمند سرگرميون کسڻ معاشري کي انتشار ۽ شدت پسندي طرف ڌڪڻ جي برابر آهي. استادن اعلان ڪيو ته سڀاڻي (اڄ) وزيراعليٰ هائوس آڏو ڌرڻو هنيو ويندو ۽ ڪلاس رومن بدران تدريسي عمل گرائونڊ تي ئي شروع ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.