ڪراچي ڪميٽي سميت سنڌ دشمن رٿائن خلاف عوامي تحريڪ طرفان ريلي

ڄامشورو(ڊ ر) ڄامشوري ۾ڪراچي ڪميٽي جي قيام، ڌارين جي آبادڪاري سميت سنڌ دشمن رٿائن خلاف عوامي تحريڪ طرفان احتجاجي  ريلي ڪڍي وئي. عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي ڪارڪنن سم نالي کان احتجاجي ريلي ڪڍي، پريس ڪلب اڳيان مطاهرو ڪيو.ان موقعي تي ريلي جي اڳواڻي ڪندڙ نور احمد ڪاتيار، عمرا سمون، حسنه راهوجو، انصاف علي جتوئي ۽ ٻين چيو ته وزير اعظم عمران خان ڪراچي ڪميٽي ٺاھي، ڪراچي کي وفاق جي حوالي ڪيو آھي. اھڙي ڏوهه  ۾ سنڌ جا حڪمران برابر جا شريڪ آھن،  ھن چيو ته ڪراچي جي ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽن سميت سمورن ٻيٽن جا مالڪ سنڌ جا ماڻھو آھن، صدر عارف علوي کي ڪو به  اختيار نه آھي جو ھو سنڌ جا ٻيٽ وڪرو ڪري ڇڏي. ھنن چيوته برسات متاثرن جي واھر لاءِ سنڌ حڪومت ڪي به  قدم کڻڻ لاءِ تيار نه آھي. چيو ته ڪراچي ڪاميٽي غير آئيني آهي، جنهن کي فوري طور تي ختم ڪيو وڃي، سنڌ گورنمينٽ ھڪ پاسي ارڙهين ترميم بابت آواز اٿاري چئي رھي آھي ته وفاقي حڪومت ارڙهين ترميم خلاف واويلا پئي ڪري ٻئي طرف سنڌ گورنمينٽ وفاق سان ملي ڪري ڪراچي ڪاميٽي ٺاهي سنڌ جي وحدانيت تي وار ڪيو آھي هنن وڌيڪ چيو ته آصف ذرداري ۽ فريال جا ڪيس ختم ڪرڻ جي لاءِ وفاق سان ھر سطح تائين وڃڻ لاءِ تيار آهن.پر عوامي تحريڪ کين ڪنهن به صورت ۾ سنڌ جو سودو ڪرڻ نه ڏيندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.