گڊو ۽ سکر وٽ لاٿ، ڪوٽڙي تي واڌ، ڏوڪري جي بندن تي دٻاءُ ، ڪيترائي ڳوٺ ٻڏي ويا

سکر/ ڏوڪري (رپورٽ: اظهر علي دايو+ آفتاب قاضي ) سکر ۽ گڊو بئراج وٽ پاڻي وهڪرن ۾لاٿ ۽ ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي ۾ چاڙهه جو سلسلو جاري آهي. جڏهن ته موهن جو دڙو ڀرسان درياهه ۾ چاڙهه  برقرارآهي ۽ ڏوڪري جي ڪچي واري علائقي  جا وڌيڪ ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن.خبرموجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران گڊو وٽ وڌيڪ  43 هزار ڪيوسڪ ۽ سکر وٽ 56 هزار لاٿ اچي وئي آهي،ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران سکر بئراج وٽ وچولي ٻوڏ مان هيٺاهين درجي جي ٻوڏ ٿي ويندي. جڏهن ته گڊو بئراج هيٺين درجي جي ٻوڏ مان نارمل پوزيشن تي هليو ويندو. ٻي طرف ڪوٽڙي بئراج وٽ لاڳيتو پاڻي ۾ واڌ واري صورتحال  آهي، هن وقت ڪوٽڙي بئراج جو مٿانهون وهڪرو 255127 هيٺانهون وهڪرو 244497 ڪيوسڪ آهي. سکر بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 323950 ڪيوسڪ، هيٺانهون وهڪرو 281150 ڪيوسڪ  ۽گڊو بئراج جو مٿانهون وهڪرو 2233120 ڪيوسڪ مان گھٽجي 190855 ڪيوسڪ تي پهچي ويو آهي. جڏهن ته هيٺانهون وهڪرو 186087 ڪيوسڪ آهي، هوڏانهن موهن جو دڙو ڀرسان بچاء بندن تي پاڻي جو دٻاءُ برقرار آهي،  ڪچي واري علائقي جا ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن،  ڳوٺن جو هڪ ٻئي سان زميني رابطو ڪٽجي ويو آهي،  ڪچي ۾ ڪيترائي  زمينداري بند ٽٽي پياآهن، سوين ايڪڙن تي بيٺل تر،  جوئر ۽ ٻيا فصل تباھ ٿي ويا آهن، جڏهن ته ڪچي جي ماڻهن پاران لڏپلاڻ جو سلسلو جاري آهي ، متاثرن جي مدد لاءِ هن وقت تائين ڪنهن به ڪو تحرڪ نه ورتو آهي، ان ڏس ۾ هٿ ڪيل معلومات موجب سنڌو درياهه ۾ چاڙھ سبب موهن جو دڙو ڀرسان ٻلھڙيجي، هڪڙا، نور شاھ، حسن واهڻ بچاء بندن تي پاڻي جو دٻاءُ برقرار آهي.جڏهن ته آبپاشي کاتي پاران بندن کي مظبوط ڪرڻ لاءِ هن وقت تائين ڪي به جوڳا انتظام نه ڪيا ويا آهن هوڏانهن موهن جو دڙو ڀرسان ڪچي واري علائقي جا وڌيڪ ڪيترائي ڳوٺ گلاب ممڻاڻي، اقبال ممڻاڻي، سومر ممڻاڻي، ابراھيم ممڻاڻي، شاهن ممڻاڻي، مير خان ممڻاڻي، چنا ڳوٺ، ڪلهوڙا، بهڻ ڳوٺ سميت ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن،جهلي بند ٽٽڻ سبب ٻوڏ جي پاڻي سوين ايڪڙن تي بيٺل ترن جوئر ۽ ٻين فصلن کي ٻوڙي ڇڏيو آهي.. هوڏانهن موهن جو دڙو ڀرسان آريجا ڳوٺ وٽان پاڻي بند کان اٿلڻ لڳو آهي علائقي واسين جو ساھ مٺ ۾ اچي ويو آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.