ملٽري ڪورٽ مان امجد صابري قتل ڪيس جون ڪاپيون وٺڻ جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس اقبال ڪلهوڙي جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ مشهور قوال امجد صابري قتل ڪيس ۾ ملٽري ڪورٽ مان سزا ٻڌايل جوابدار عاصم جي درخواست جي ٻڌڻي دوران جوابدار جي وڪيل کي ملٽري ڪورٽ مان ڪاپيون وٺڻ  لاءِ ايڊيشنل اٽارني جنرل کي درخواست ڏيڻ جي هدايت ڪئي. عدالت ۾ جوابدارجي وڪيل ٻڌايو ته اسان کي به اخبارن جي ذريعي معلوم ٿيو ، جڏهن ته سزاجي خلاف اپيل ۽ ڪورٽس جي حد جي تعين جي لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل آهي .جسٽس اقبال ڪلهوڙي چيو  ته سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ڪڏهن ٿيندي، وڪيل چيو ته معلوم نه آهي ،عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 19نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي .

قتل ڪيس ۾  پيش نه ٿيڻ تي رٽائرڊ پوليس آفيسر کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر) ملير جي ماڊل ڪورٽ  عورت جي قتل ڪيس ۾ رٽائرڊ پوليس آفيسر ابراهيم کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏيندي پينشن ۽ بئنڪ اڪائونٽ بند ڪرڻ جو به  حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت پوليس آفيسر جو سڃاڻپ  ڪارڊ به بلاڪ ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، عدالت عورت قتل ڪيس ۾ جوابدار رام بيل زمان کي پيش ڪيو ويو .پوليس آفيسر جيڪو شاهد هو رٽائرڊ ٿي پنهنجي ڳوٺ ويو آهي، ڪيترا عدالتي نوٽيس جاري ٿيا،  پر هن پيش ٿيڻ کان انڪار ڪيو، .عدالت چيو ته پوليس آفيسر ڪيس جو اهم شاهد  آهي ان ڪري 19 سيپٽمبر  تائين گرفتارڪري پيش ڪيو وڃي. پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو تي عورت جي قتل ڪيس ۾ درخواست گذار حبيب شاهد عدالت ۾ پيش ٿيو ته ان کي به قتل ڪيو ويو آهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.