سنڌ سرڪار پاران ڪورونا فيلڊ آئيسوليشن سينٽر بند ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ حڪومت ڪورونا وائرس جي لاءِ قائم فيلڊ آئيسوليشن سينٽر بند ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو.چيف سيڪريٽري سنڌ  سيد ممتاز علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪورونا وائرس ايمرجنسي فنڊ جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ايڪسپو سينٽر ۽ پي ايف ميوزيم ۾ قائم فيلڊ آئسوليشن بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.چيف سيڪريٽري سنڌ سيد ممتاز علي شاهه چيو ته سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڏانهن سمري موڪلي منظوري ورتي ويندي.هن چيو ته ڪورونا وائرس جي مريضن لاءِ اسپتالن ۾ جاءِ آهي ان ڪري آئيسوليشن سينٽر بند ڪيا وڃن.چيف سيڪريٽري سنڌ چيو ته تعليمي ادارا کلي رهيا آهن جڏهن ته چڱي مقدار ۾ ٽيسٽنگ ڪٽون موجود آهن. خيال رهي ته سنڌ حڪومت ڪورونا وائرس کي نظر ۾ رکندي مارچ ۾ ايمرجنسي فنڊ قائم ڪيو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.