فتح برفت فارغ، صديق ڪلهوڙو سنڌ يونيورسٽي جو وقتي وي سي، جاچ ڪميٽي قائم

ڪراچي/ڄامشورو(رپورٽ: جي ايم کوکر+ شاهد خٽڪ) سنڌ حڪومت سنڌيونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر فتح محمد برفت کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو آهي. جڏهن ته لاڙ ڪئمپس بدين جي پرووائيس چانسلر پروفيسر محمد صديق ڪلهوڙو کي سنڌيونيورسٽي جو وقتي وائيس چانسلر مقرر ڪيو ويو آهي. جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي انڪوائري مڪمل ٿيڻ تائين چارج ڪلهوڙي وٽ رهندي.  سنڌيونيورسٽي ۾ ڪرپشن جون ملندڙ دانهن ۽ شڪايتن بعد سنڌ جي وڏي وزير جي اجازت سان ڄامشورو اينٽي ڪرپشن پوليس پاران جاچ ڪرڻ بعد سنڌ يونيورسٽي جي وي سي فتح محمد برفت رجسٽرار امير ابڙو، اسٽيٽ آفيسر رفيق بروهي سميت 68 ڄڻن مٿان يونيورسٽي اندر 73 ڪروڙ روپين جي ڪرپشن ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو هو. سنڌ حڪومت هڪ ٻيو نوٽيفڪيشن جاري ڪندي ڄاڻايو آهي ته چيئرمين پلاننگ بورڊ اينڊ ڊولپمينٽ بورڊ  محمد وسيم  ۽ مهراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر محمد اسلم عقيلي سنڌيونيورسٽي ڪرپشن ڪيس جي جاچ ڪري هڪ مهيني اندر جاچ رپورٽ سنڌ حڪومت کي پيش ڪئي ويندي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.