لاهور زيادتي ڪيس ۾ اهم جوابدار سوگهو، زيادتي جو اعتراف، مک جوابدار نه پڪڙيو

لاهور (م ڊ) لاهور  موٽر وي تي عورت سان زيادتي واقعي ۾ هڪ اهم جوابدار گرفتار ٿي ويو آهي جنهن زيادتي جو اعتراف ڪري چڪو  آهي.  هڪ گرفتار جوابدار شفقت عورت سان زيادتي جو اعتراف ڪري ورتو آهي. جڏهن ته گرفتاري ڏيندڙ جوابدار وقار جو نه ڊي اين اي ميچ ٿيو آهي نه متاثر سندس نشاندهي ڪئي آهي.  پوليس موجب عابد جي دوست شفقت کي گرفتار ڪيو ويو آهي  جوابدار وقار الحسن انڪشاف ڪيو آهي ته ڪيس جو مُک جوابدار عابد علي، شفقت نالي شخص سان گڏجي ڏوهي وارداتون ڪري رهيو آهي، بهاول نگر واسي شفقت جوابدار عابد جو دوست آهي، وقار الحسن جي بيان کانپوءِ پوليس جوابدار عابد جي دوست شفقت کي به گرفتار ڪيو. ذريعن موجب جاچ دوران گرفتار جوابدار شفقت محمود ڏوهه جو اعتراف ڪندي پوليس کي ٻڌايو ته مان ۽ جوابدار عابد ڦر جي ارادي سان موٽر وي تي موجود هئاسين، جتي هڪ ڪار کي ڏٺوسين ۽ ان جو پيڇو ڪيو، شفقت ٻڌايو ته عابد ڦر جي ارادي سان ڪار جي ويجهو ويو، جوابدار انڪشاف ڪندي چيو ته ڦر بعد هنن عورت سان اجتماعي زيادتي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، پر عورت مزاحمت ڪئي ۽ روڊ کان هيٺ اچڻ کان انڪار ڪيو، عورت جي مزاحمت تي عابد گاڏي جو شيشو ٽوڙيو جنهن دوران عورت جو هٿ زخمي ٿيو . هن چيو ته عورت جي مزاحمت بعد هُن جي ٻارن کي کنيو ۽ هُو روڊ کان هيٺ هليا ويا، جنهن تي عورت گاڏي مان لهي رستي کان هيٺ اچي وئي ۽ پوءِ هُنن ٻنهي گڏجي عورت کي زيادتي جو نشانو بڻايو. جوابدار شفقت چيو ته هُنن موٽر وي واقعي بعد قلعه ستار شاهه ۾ رات گذاري هئي،ٻئي ڏينهن هُو ديپالپور هليو ويو هو جڏهن ته عابد علي پنهنجي والد جي گهر مانگا منڊي هليو ويو هو.  جتي پهريان عورت کان ڦرلٽ ڪئي پوءِ هيٺ وٺي وڃي عورت کي زيادتي جو نشانو بڻايو، جوابدار جو ڊي اين اي ڪرايوويو. ذريعن موجب ڊي اين اي ميچ ٿي ويو آهي. لڄالٽ واري ڪيس ۾ سي آءِ اي آڏو پيش ٿيل جوابدار وقار الحسن جو ڊي اين اي ميچ نه ٿيو آهي. متاثر عورت جوابدار وقار الحسن کي سڃاڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته متاثر عورت ڏانهن واٽس ايپ ذريعي جوابدار وقار جون تصويرون اُماڻيون ويون هيون. هوڏانهن ٽيون جوابدار به سامهون آيو آهي. جوابدار شفقت چيو ته ڦر جي رٿابندي ۾ بالا مستري به شامل هو، پر هو رستي ۾ موٽي ويو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.