ٻارن سان زيادتي ڪيسن ۾ سرعام ڦاهي جو بل سينيٽ ۾ پيش

اسلام آباد(م ڊ) مسلم ليگ ن ٻارن سان زيادتي جي جوابدارن کي سرعام ڦاهي ڏيڻ بابت ترميمي بل سينيٽ ۾ پيش ڪري ڇڏيو، ن ليگ جي سينيٽر جاويد عباسي ترميمي بل جمع ڪرايو، بل ۾ ٻارن سان زيادتي جي ملزمن کي سرعام ڦاهي ڏيڻ جي ترميم شامل ڪئي وئي آهي، بل ۾ عمر قيد جي جوابدار کي موت تائين قيد رکڻ جي تجويز به ڏني وئي آهي، زيادتي ڪيسن جي سيشن ڪورٽ بدران هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي جي ترميم به شامل ڪئي وئي آهي، بل ۾ چيو ويو ته هاءِ ڪورٽ ريپ ۽ زيادتي جي ڪيسن جو فيصلو ٻن مهينن ۾ ڪرڻ جي پابند هوندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.