زيادتي ڪندڙن کي سرعام ڦاهي يا جنسي صلاحيت کان محروم ڪرڻ گهرجي: وزيراعظم

اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته  زيادتي ڪندڙ ماڻهن کي جنسي طور تي ناڪاره بڻائڻ گهرجي،قتل جي ڪيسن وانگر ريپ جي ڏوهه لاءِ درجابندي ڪرڻ گهرجي، فرسٽ ڊگري ۾ ايندڙن کي آپريشن ذريعي ناڪاره بڻائڻ گهرجي، هڪ نجي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي هن چيو ته جڏهن حڪومت ۾ آياسين ته ملڪ ۾ وڌندڙ جنسي ڏوهن جي تناظر ۾ سرعام ڦاهي جي حق ۾ هئاسين،  پر اسان کي مشورو ڏنو ويو ته ايئن ڪرڻ سان عالمي ردعمل اچي سگهي ٿو، اپوزيشن مشرف تي پريشر وجهي اين آر او ورتو، اهي چئي رهيا اهن ته نيب کي ختم ڪريو ته عمران خان جي حڪومت ڀلي هلي، اپوزيشن هر هنڌ تي اسان کي بليڪ ميل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، هڪ نجي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي هن چيو ته سنڌ حڪومت وارانه ڪچرو کڻي سگهن ٿا، نه پاڻي نيڪال جو ڪو نظام ٺاهي سگهن ٿا، سمورن شهرن کي ماسٽر پلان ٺاهڻ لاءِ چيو آهي، بدقسمتي سان اسان جي پارٽي ۾ به ماڻهو آهن جيڪي پنجاب جو وڏو وزير بڻجڻ چاهين ٿا، عثمان بوزدار تي الزامن جي جاچ ايجنسين کان به ڪرايان ٿو، بوزدار شهباز شريف وانگر ميڊيا تي پئسو نٿو لڳائي، هن چيو ته سردين ۾ ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي نئين شديد لهر اچي سگهي ٿي، ان ڪري اسان کي احتياط ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته مڪمل لاڪ ڊائون جي ڪري ڀارت ۾ جيڪا غربت آئي آهي ان ڪري سڄي دنيا ۾ ڀارت جي معيشت ڪورونا کان سڀ کان وڌيڪ متاثر آهي، هن چيو ته اپوزيشن، دانشورن ۽ ڪجهه ڊاڪٽرن منهنجي خلاف جهڙي طرح منظم مهم هلائي ۽ جيڪڏهن مان انهن جي دٻاءُ ۾ اچي وڃان ها ته پاڪستان جو ٻيڙو ٻڏي  وڃي ها، ڇو ته اسان جي معيشت ويهي وڃي ها، هن چيو ته ڪراچي جي ماڻهن جا آدمشماري تي خدشا درست آهن، زيادتي جي ڏوهارين کي ڪيميائي طريقي يا سرجري سان نامرد ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته پنجاب جي پوليس ۽ بيوروڪريسي سياسي ٿي چڪي آهي، عثمان بوزدار ڪرپٽ ناهي، موجوده اپوزيشن جمهوري اپوزيشن ناهي، اپوزيشن جي تنقيد ٺيڪ آهي ته اسان آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ ۾ دير ڪئي، هن چيو ته ماڻهو بي تاب آهن ته هڪدم نئون پاڪستان ڇو نه ٺهيو؟ هن چيو ته زيادتي ڪندڙن کي سرعام ڦاهي ڏيڻ گهرجي، موٽروي سانحي پوري قوم کي لوڏي ڇڏيو، هن چيو ته نوازشريف واپس نه ايندو، هن کي واپس آڻڻ لاءِ پوري ڪوشش ڪنداسين، اپوزيشن ملڪ کي ڪنگال ڪري ڇڏيو،هن چيو ته ڪراچي کي ٺيڪ ڪرڻ تمام ضروري آهي، ڪراچي رڳو سنڌ جو نه بلڪه پاڪستان جو انجن آف گروٿ آهي، ڪراچي جو مسئلو تڏهن حل ٿيندو جڏهن چونڊيل ميئر پنهنجي شهر کي هڪ ملڪ وانگر هلائيندو، خبر ناهي ته سنڌ حڪومت جو ڪهڙو مسئلو آهي، هن چيو ته عوام اسان کان رڳو اهو پڇندو ته اسان ڪيترو تحفظ ڏنو؟ اهو نه پڇندا ته ڪيترا آءِ جي تبديل ڪيا؟ سي سي پي او لاهور کي آڻڻ جي ضرورت ان ڪري پئي ته لاهور ۾ پوليس هيٺيئن سطح تي قبضا گروپن سان مليل آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.