موٽروي تي ڪنهن جو ڪنٽرول آهي، بدنام آفيسر ڪنهن لڳايو: شهباز شريف

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن /ڏسو صفحو 7 ڪالم 2

ليڊر شهبازشريف سي پي او لاهور کي بدنامِ زمانه آفيسر قرار ڏئي ڇڏيو. قومي اسيمبلي جَي اجلاس دوران خطاب ڪندي شهبازشريف چيو ته پتو لڳايو وڃي ته عمر شيخ کي ڪنهن سي سي پي او لڳايو، سي سي پي او کي جنهن لڳايو اهو سيني کولي چئي رهيو هو ته مان لڳايو آهي. پوليس آفيسر جي بيان سان پوري قوم جي دل زخمي ٿئي. موٽروي واقعي تي وزيراعظم عمران خان هڪ لفظ به نه ڳالهايو حڪومت ناڪام ٿي چڪي آهي. پي ٽي آءِ وارن زينب واقعي تي به سياست ڪئي هئي. شهباز شريف چيو ته موٽر وي واقعي تي هر اک رني هئي. حڪومت ان ڳالهه تي پريشان هئي ته موٽر وي تي ڪنهن جو ڪنٽرول آهي. واقعي تي سڀني جا ڪنڌ شرم کان جهڪي ويا هئا. شهباز شريف چيو ته موٽروي واقعي تي مخالف ڌر ذميواري جو ڪردار ادا ڪيو. ادارن جي رپورٽ چئي رهي هئي ته پوليس آفيسر ڪرپٽ آهي، جڏهن ته وفاقي وزير مراد سعيد چيو ته عورت سان لڄالٽ وارو واقعو موٽروي تي پيش ئي ناهي آيو، افسوس آهي ته ڏوهارين کي سزا ڏيارڻ بابت بحث ٿيڻ بدران رڳو منهنجِي استعيفيٰ تي بحث ڪيو پيو وڃي. ٻيو پنجاب فرانزڪ ليب ڪنهن ٺاهيو ان تي بحث هلي رهيو آهي. مراد سعيد چيو ته 130 تي ڪيل ڪال مان پاڻ ٻڌي آهي. جن جي ذميواري هئي انهن سان رابطو ڪرايو ويو. واقعي جتي به ٿيو مان ان جي ذميواري کڻان ٿو. موٽروي واقعي جو ذميوار آهيان، رياست مدينا ذميوار آهي. اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته لاهور موٽروي تي پيش ايندڙ واقعو پوري قوم جي لاءِ بدنما داغ آهي، ان واقعي جا اسان جي ايندڙ نسلن تي اثر پوندا. سيد نويد قمر چيو ته لاهور جي واقعي تي اسان التوا واري رٿ جمع ڪرائي آهي. اسان به چاهيون ٿا ته ان تي تفصيلي بحث ڪرايو وڃي. ان معاملي تي حڪومت ۽ مخالف ڌر بڻجي نه پر پاڪستان جو شهري بڻجي پنهنجي راءِ ڏين. جتي جتي ڪوتاهي آهي اها ختم ڪرڻ جي لاءِ تجويزون سامهون آنديون وڃن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.