سي سي پي او لاهور تڪراري بيان تي معافي وٺي ڇڏي

لاهور (بيورو رپورٽ) سي سي پي او لاهور شيخ عمر موٽر وي واقعي متعلق تڪراري بيان تي معافي گهري ورتي، عمر شيخ گورنر پنجاب چوڌري سرور سان گڏ ملاقات ۾ چيو ته منهنجي بيان تي ڪنهن جي دل آزاد ٿي آهي ته معافي گهران ٿو، هن چيو ته پنهنجي ڀائرن، ڀينرن ۽ سوسائٽي کان معافي گهران ٿو، منهنجو ڪو به غلط مطلب يا تاثر نه هو، جنهن عورت سان زيادتي ٿي ان کان به معافي گهران ٿو.

موت جي سزا تي سوچي سمجهي ڳالهائڻ گهرجي: شيرين مزاري

اسلام آباد(م ڊ) ن ليگ اڳواڻ خواجا آصف چيو آهي ته هن ملڪ ۾ سياستدان سڀ کان وڌيڪ مظلوم آهن، سياستدانن جو نمبر ون طور ڏسو پر ڪنهن ٻئي جو به احتساب  ڪريو، هن چيو ته ماڻهن جي کيسن ۾ حڪومت جو ايترو پئسو پيو آهي جو دماغ چڪرائجي وڃي، پي اي سي ذيلي ڪميٽي اجلاس ۾ هن چيو ته حڪومت کي ڪيترو پئسو وصول ڪرڻو آهي ان تي تفصيل ڏيو، وزارتن جي التوا ۾ پيل ڪيسن ۾ ڪيتري رقم آهي، آڊٽ اختياريون تفصيل ڏين، هوڏانهن قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته زيادتي جا واقعا معاشري تي بدنما داغ آهن، موٽروي تي پوليس آفيسر جي بيان اسان کي شرمسار ڪري ڇڏيو، کيئل داس ڪوهستاني سرعام ڦاهي جو بل پيش ڪيو آهي، هوڏانهن انساني حقن واري وفاقي وزير شيرين مزاري قومي اسيمبلي ۾ چيو ته جيڪڏهن مرد پنهنجي پاڻ کي قابو ۾ نٿا رکي سگهن ته کين گهرن ۾ بند ڪيو وڃي، اسان کي موت جي سزا تي به سوچي سمجهي ڳالهائڻ گهرجي، گهڻن ملڪن ۾ موت جي سزا ڏني وئي پر ڏوهه نه ختم ٿيا،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.