وفاق سنڌ جي برسات متاثرن جي ٽڪي جي مدد لاءِ به تيار ناهي: نثار کهڙو

حيدرآباد(رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر ۽ صوبائي صلاحڪار نثار احمد کهڙو چيو آهي ته بار بار اپيلن جي باوجود وفاقي  حڪومت سنڌ جي برسات سٽيل ماڻهن جي هڪ روپئي جي به مدد ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. پر هن ڏکي گهڙيءَ ۾ پيپلز پارٽي سنڌ جي برسات سٽيل مصيبت ۾ ڦاٿل ماڻهن کي اڪيلو نه ڇڏيندي. سنڌ حڪومت 20 ضلعن کي آفت سٽيل قرار ڏئي 80 ڪروڙ روپين جي رليف جو اعلان ڪيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه پ پ حيدرآباد ضلعي جي صدر صغير احمد قريشي جي رهائشگاهه تي پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. نثار کهڙي چيو ته پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن تي برسات متاثر ماڻهن جي مدد ڪرڻ لاءِ هڪ رليف ڪميٽي ٺاهي وئي آهي، جنهن جو هو ڪنوينر آهي ۽ 8 وزير ان جا ميمبر آهن. هن چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري 8 ڏينهن تائين برسات متاثر علائقن ۾ وڃي ماڻهن سان پاڻ مليو . هر هڪ ايم اين اي، ايم پي اي ۽ سينيٽر هڪ مهيني جي پگهار برسات متاثرن جي رليف فنڊ ۾ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. وزيراعظم رڳو ڪراچي ۾ گورنر هائوس ۾ اچي اتي اهو ڏسي ويو ته گورنر هائوس جي ڪا ڀت ته ناهي ڪري .ان کان اڳ نثار احمد کهڙي جمعيت علماءَ اسلام جي اڳواڻ مولانا تاج محمد ناهيون سان سندس ڀاءُ عبدالغفور ناهيون جي وفات تي تعزيت ڪئي. .03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.