فوج خلاف پوسٽون رکڻ جي الزام هيٺ هڪ ٻئي صحافي خلاف ڪيس

اسلام آباد(م ڊ) راولپنڊي جي پوليس سوشل ميڊيا تي پاڪستاني ادارن خاص طور تي فوج خلاف لکڻ، پوسٽون رکڻ ۽ تبصرو ڪرڻ جي الزام ۾ صحافي اسد طور خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي، اسد طور نجي ٽي وي سما سان ڳنڍيل آهي پر تازو ئي اها نوڪري ڇڏڻ جو اعلان ڪيو هو، بي بي سي موجب گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ اهڙي نوعيت جو اهو ٽيون ڪيس آهي جيڪو ڪنهن صحافي خلاف داخل ڪيو ويو آهي، ان کان اڳ سينيئر صحافي ۽ پيمرا جي اڳوڻي چيئرمين ابصار عالم خلاف جهلم جي تعلقي دينه ۾ به فوج خلاف ڀڙڪائڻ جي الزام ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو، ڪراچي ۾ صحافي بلال فاروقي تي ڪيس داخل ڪيو ويو، اسد علي طور بي بي سي کي ٻڌايو ته من گهڙت الزامن تي ڪيس داخل ڪري کيس هراسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ان ڪيس خلاف عدالتن ۾ ويندس، جتان انصاف ملڻ جي اميد آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.