واهي پانڌي جا 80 سيڪڙو گهر ٻوڏ ۾ تباهه، متاثرن جو احتجاج

واهي پانڌي (رپورٽ:  حسين بخش رستماڻي ) واهي پانڌي نئين نلي جي ٻوڏ متاثرن کي سنڌ سرڪار توڙي وفاقي سرڪار وساري ڇڏيو، سماجي  تنظيمن به ڪا واهر نه ڪئي، ٻوڏ متاثر بکون ڪاٽڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، برساتن کان وهي آيل نئن جي وڏن وهڪرن  واهي پانڌي جي 80 سيڪڙو آبادي کي تباھ ڪري ڇڏيو، سوين غريبن جا گهر لڙهي ويا. پر ٻوڏ متاثر سرڪاري امداد کان محروم بڻيل  آهن. ٻئي پاسي ٻوڏ متاثرن واهر نه ٿيڻ خلاف صالح کوسو، ڪامريڊ وقار مستوئي، ظفر حسين رستماڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ 20 هين ڏينهن به بي ايڇ يو واهي پانڌي کان احتجاجي ريلي ڪڍي المرتضيٰ چوڪ تي ڌرڻو ھڻي نعريبازي ڪئي.  ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته  ڪنهن به سار نه لڌي آهي، چونڊيل نمائندا  به ٻوڏ متاثرن جي تباهي ۽ بربادي جو تماشو ڏسي رهيا آهن. هنن پ پ  قيادت ۽  وڏي وزير سيد مراد علي شاھ کان مطالبو ڪيو آهي ته کليل آسمان هيٺ ويٺل ٻوڏ متاثرن کي گهر ٺهرائي ڏنا وڃن ۽ مالي سهائتا لاءِ راشن ڪارڊ جاري ڪري ڏنا وڃن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.