کدڙن فقيرن جي اغوا ۽ قتل خلاف مختلف شهرن ۾ مظاهرا

ڪراچي/ لاهور/ پشاور (م ڊ ) خواجا سرا ڪميٽي پاران کدڙن فقيرن  سان ٿيندڙ زيادتن خلاف ڪراچي لاهور ۽ پشاور ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، ڪراچي مظاهري جي اڳواڻ اداڪار عدنان صديقي، ياسر حسين  ۽ ٻين چيو ته گرو اڪرام دين عرف بوري خواجا سرا کي يوسف ۽ يونس نالي سان ماڻهو تنگ ڪري رهيا هئا، جڏهن ته ڪجهه ڏينهن اڳ کين گهرخالي ڪرائڻ جون ڌمڪيون ڏنيون هيون پر اسان گهر خالي ڪرڻ کان انڪار ڪيو، جنهن کانپوءِ خواجاسرا اڪرام الدين عر ف بوري کي ڪورنگي ٻه نمبر کان اغوا ڪيو ويو آهي، اڳواڻن مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري  اڪرام الدين عرف بوري کي بازيابي ڪرايو  وڃي ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.