زيادتي واقعي جو ذميوار مظلوم کي قرار ڏيندڙ حڪومت شرم ڪري: مريم نواز

لاهور ( م ڊ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ مريم نواز چيو آهي ته زيادتي واقعي جو ذميوار مظلوم کي قرار ڏيندڙ حڪومت شرم ڪري. موٽروي  سانحي تي ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته هي پهرين حڪومت آهي جيڪا هر واقعي جي ذميواري مظلوم تي مڙهي وحشي بگهڙن کي همٿائي رهي آهي. هن چيو ته حڪومت جي سوچ موجب رياست رات جو سمهي پوندي آهي. هن چيو ته سانحي ۽ الميي ۾ فرق هوندو آهي. هي الميو آهي ته سي سي پي او چوي ٿو ته رات جو شهرين جي حفاظت سندس ذميواري ناهي. حڪومت پيغام ڏئي ڇڏيو آهي ته ملڪ ۾ عورتن ۽ شهرين کي امان نه ٿي ملي سگهي.  03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.