خورشيد شاهه ۽ ٻين خلاف جاچ اٽڪل مڪمل ٿي چڪي آهي: نيب سکر

اسلام آباد (م ڊ) قومي اسيمبلي جي ميمبر سيد خورشيد شاهه ۽ ٻين خلاف جاچ تقريبن مڪمل ٿي چڪي آهي،نيب سکر طرفان ٻن  هفتن ۾ حتمي رپورٽ مڪمل ڪري بدعنوانيءَ جو ريفرنس تيار ڪري منظوريءَ لاءِ چيئرمين نيب جسٽس جاويد اقبال کي موڪلڻ جو امڪان آهي. نيب ذريعن مطابق سيد خورشيد شاهه ۽ ٻين خلاف عبوري ريفرنس نمبر 2019/17 احتساب عدالت سکر ۾ 19 ڊسمبر 2019ع تي داخل ڪيو ويو. نيب چيئرمين 2 جنوري 2020ع تي گڏيل جاچ ٽيم جوڙي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 19 مارچ 2020ع تي گڏيل جاچ ٽيم جوڙڻ جو نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو.  جڏهن ته عدالت چيو ته انويسٽيگيشن آفيسر ان معاملي جي جاچ ڪري سگهن ٿا. نيب چيئرمين 12 مئي 2020ع تي هدايت ڪئي ته ان ۾ ڪابه ٻه رايا ناهن ته نوٽيفڪيشن معطل ٿي چڪو آهي جڏهن ته جاچ آفيسر کي جاچ جاري رکڻ جو پابند بنايو ويو آهي، ان لاءِ جاچ جاري رکڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن جاچ آفيسر کي ضرورت پوي ته ڊي جي ۽ پراسيڪيوشن ڊويزن کان رهنمائي حاصل ڪرڻ گهرجي. ان شڪايت کي تيزيءَ سان اُڪلائڻ گهرجي ۽ لاڳاپيل احتساب عدالت ۾ ريفرنس داخل ڪرڻ گهرجي. ان کانپوءِ وڌيڪ جاچ ڪئي وئي جيڪا تقريبن مڪمل ٿي چڪي آهي، نيب سکر طرفان ٻن هفتن ۾ حتمي رپورٽ مڪمل ڪري بدعنوانيءَ جو ريفرنس تيار ڪري منظوري لاءِ نيب چيئرمين کي موڪلڻ جو امڪان آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.