حيدرآباد ۾ محب آزاد لغاري ۽ ٻين کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف احتجاجي ريلي

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ مان کنڀي گم ڪيل قومي ۽ سياسي ڪارڪنن جي آزاديءَ لاءِ سنڌ جي مختلف سياسي، سماجي، انساني حقن جي  تنظيمن سنڌ سجاڳي فورم، وائيس فار مسنگ پرسنس آف سنڌ، ايڇ آر سي پي، عوامي ورڪرز پارٽي، يوٿ اتحاد حيدرآباد ۽ پورھيت مزاحمت تحريڪ طرفان شھباز بلڊنگ کان حيدرآباد پريس ڪلب تائين مارچ ڪري ڌرڻو ھنيو ويو. جبري گم ڪيل ماڻهن جو ڪيس وڙهندڙ هاءِ ڪورٽ جي وڪيل محب آزاد لغاري جي زال عطرت آزاد لغاري، مهراڻ ميراڻي جي امڙ سڪينا ميراڻي، تاج جويو، امداد چانڊيو، وزير لاکو سميت سوين عورتن ۽ ٻارڙن شرڪت ڪئي. کنڀي گم ڪيل ايڊوڪيٽ محب آزاد لغاري، مهراڻ ميراڻي، هدايت الله جروار، امتياز خاصخيلي، رياض خاصخيلي، ڊاڪٽر فتح محمد کوسو، سيد مسعود شاهه، پٺاڻ خان زهراڻي ۽ ٻين جو ڪو به ڏس پتو ناهي پئجي سگهيو. حڪومت به جبري گم ڪيلن جي مسئلي تي خاموش آهي. وڪيل محب آزاد لغاري سميت سمورن کنڀي گم ڪيل ماڻهن کي آزاد ڪيو وڃي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.