حمزه شهباز کان پوءِ سندس زال ڊاڪٽر رابعه کي به ڪورونا

لاهور (م ڊ ) مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ حمزه شهباز کان پوءِ سندس گهر واري جي به ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو اچي وئي. مسلم ليگ(ن) جي ڊپٽي سيڪريٽري اطلاعات موجب حمزه شهباز جي گهر واري ڊاڪٽر رابعه ڇنڇر تي جيل ۾ پنهنجي مڙس سان ملاقات ڪئي هئي.حمزه شهباز جي ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو اچڻ کان پوءِ ڊاڪٽر رابعه جي به ٽيسٽ ڪرائي وئي جيڪا پازيٽو اچي وئي آهي. واضح رهي ته هڪ ڏينهن اڳ مسلم ليگ(ن) جي گرفتار اڳواڻ حمزه شهباز جي ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو آئي هئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.