بلاول زرداري راشن بدران رڳو ڀاشڻ پيو ڏي: حليم عادل شيخ

ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) صدر پاڪستان جي ميرپورخاص واري دوري دوران متاثرن ۾ امداد ورهائڻ جي موقعي تي ميرپورخاص جي انتظاميه  پنهنجي آقائن کي خوش ڪرڻ لاءِ امداد ورهاست جي پروگرام کي خراب ڪرايو. سنڌ حڪومت متاثرن جي مدد ڪرڻ بدران سياست ڪري رهي آھي،  اهڙو اظھار پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي نائب صدر ۽ سنڌ اسمبلي ۾ پارليماني ليڊر حليم عادل شيخ ميرپور خاص ۾ ملڪ هائوس تي پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ان موقعي پي ٽي آءِ  جي عورت ايم پي اي دعا ڀٽو سميت ٻيا اڳواڻ به موجود هئا.هن چيو ته گذريل ٻن هفتن کان وفاق جي مدد سان برسات سٽيلن ۾ راشن، ٽينٽ، مڇردانيون، پاڻي سميت ٻيو سامان ورهائي رهيا آهيون،وڏو وزير۽  بلاول زرداري هيليڪاپٽرن تي دورا ڪري عوام جا ڪروڙين رپيا خرچ ڪري ڇڏيا پر ڪنهن غريب جي مدد نه ڪئي، سم شاخن کي لڳل گهارا به بند نه ڪرايا ويا آهن،  هن چي ته صدر عارف علوي جي تقريب دوران سامان جي ڦر لٽ ڪرائڻ ۾ پ پ اڳواڻ ۽ انتظاميا ملوث آهي، جن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائي ويندي.هن چيو ته ٻن هفتن کان بلاول رڳو وفاق تي تنقيد ڪري ڀاشن ڏيئي رهي آهي.  اڌ سنڌ برساتي پاڻي ۾ ٻڌل آهي سنڌ جا وزير، مشير، پ پ جا اڳواڻ پارٽيون ڪري رهيا آهن. سنڌ جي ايريگيشن کاتي ۾ اربين روپين جي ڪرپشن ٿي آهي نيب نوٽس وٺي 12 سالن جي پروجيڪٽن جانچ ڪري ملوث آفيسرن جو حساب ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.