سکر ۾ لاهور موٽر وي واقعي خلاف احتجاجي مظاهرو

سکر( رپورٽر) سکر ۾ ھيومن رائيٽس پروٽيڪشن فورم موٽروي تي عورت سان ٿيل ڏاڍائي واقعي خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاجي  مظاهرو ڪيو. هيومن رائٽس پروٽيڪشن فورم  وقتي مرڪزي چيئر پرسن زبيدا گهانگهرو، سنڌ جي صدر الاهي بخش ميتلو، شهناز منگي، شمائلا ، ايڊوڪيٽ حميرا، سڳند منگي. عبدالخالق منڱريو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ موٽروي تي عورت سان ٿيل جبري ڏاڍائي خلاف سکر پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. جتي اڳواڻن  چيو ته پوليس جي لاپرواهي سبب لاهور اسلام آباد موٽروي تي دل ڏکائيندڙ واقعو پيش آيو هڪ عورت کي جبري اجتماعي ڏاڍائي جو نشانو بڻايو ويو جيڪڏهن پوليس متاثر عورت جي بروقت مدد ڪري ها ته شايد اهڙو اوقعو نه ٿئي ها هنن چيو ته جنسي ڏاڍائي جي واقعن ۾ اضافو حڪمرانن لاءِ چيلنج آھي. جنسي حوس بعد قتل جي واقعن پڻ عام ماڻھو جي زندگي کي پريشان ڪري ڇڏيو آھي اهڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ قدم کڻڻ جي ضرورت آھي اڳواڻن حڪومت کان گهر ڪئي  ته موٽروي گينگ ريپ ۾ ملوث جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري سر عام ڦاهي ڏني وڃي.

قمبر ۾ پيراميڊيڪل اسٽاف جو ناجائزين خلاف احتجاج، او پي ڊي جو بائيڪاٽ

قمبر (ڊ ر)   قمبر جي سرڪاري اسپتال آڏو پيرا ميڊيڪل اسٽاف طرفان علامتي بک هڙتال ڪري او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪندي ايم ايس خلاف سخت نعريبازي ڪئي ان موقعي تي مرڪزي اڳواڻ اظھر علي سيال، ضلعي صدر غوث بخش ڪلهوڙو، علي اڪبر گوپانگ،رفيق منگي،زمان جاگيراڻي،علي نواز مغيري ۽ ٻين چيو ته لاڙڪاڻي جي ايم ايس ڊاڪٽر  ڪرپشن کي لڪائڻ لاءِ پيرا ميڊيڪل اسٽاف خلاف ناجائزي ڪندي رڻ ٻاري ڏنو آهي اسان جي حقن کي غذب ڪندي حق گهرڻ جي آواز کي دٻائي رهيو آهي جيڪو پيرا ميڊيڪل اسٽاف جو عملو ڳالهائي ٿو ان کي بنا جواز رليو ڪري ڇڏي ٿو هنن اعليٰ اختيارن کان گهر ڪئي ته   ايم ايس کي هٽائي رليو ڪيل ملازمن کي واپس ڪري جائز مطالبا منظور ڪيا وڃن.

ڪنڌڪوٽ ۾ پورهيت کي پوليس کنڀي وئي، والد جو احتجاج

ڪنڌڪوٽ (س ر) ڪنڌڪوٽ جي رسالدار روڊ سان پورهيت حاڪم علي پٽ خاوند بخش سبزوئي کي سي سيڪشن پوليس کنڀي گم ڪري ڇڏيو، نوجوان کي  کنڀي گم ڪرڻ واري واقعي خلاف نوجوان جي والد احتجاج ڪيو، ان موقعي تي  نوجوان جي والد ميڊيا سينٽر آڏو داهيندي چيو ته سي سيڪشن پوليس بنا جواز پٽ کي کنڀي کڻي وئي، پٽ جي ڳولا لاءِ سي سيڪشن چوڪي پهتس ته پوليس پٽ جي آزادي عيوض رشوت گهري رهي آهي، هن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي پٽ کي آزاد ڪرايو وڃي.

ڳڙهي ياسين پوليس جو جوا جي ٽڪري تي ڇاپو، 6 ڄڻا گرفتار

شڪارپور (ڊ ر) ايس ايس پي شڪارپور جي هدايتن تي ڳڙهي ياسين پوليس خفيه اطلاع سبب سول اسپتال ڀرسان هڪ جگهه ۾ هلندڙ جوا جي ٽڪري تي ڇاپو هنيو جتان رياض پٽ نثار مهر، مختيار پٽ منٺار شر، رياض پٽ الله داد شر، محمد مگسي پٽ بصر شر، اصغر پٽ رانجهڻ شر ۽ ساٿي پٽ نادر معرفاڻيءَ کي گرفتار ڪري ورتو آھي جوا جي داءُ تي لڳل 50 هزار روپيا روڪ رقم۔ 6 موٽر سائيڪلون۔ 2 موبائل سيٽ ۽ هڪ تاش جو بنڊل هٿ ڪري ورتو آھي جن مٿان جوا ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.