ڦاهي جو بل منظور نه ٿيو ته ڪيسٽريشن بل منظور ڪرائينداسين: فيصل واوڊا

اسلام آباد(م ڊ) وفاقي وزير فيصل واوڊا چيو آهي ته زيادتي ڪندڙن لاءِ ڦاهي جو بل منظور نه ٿيو ته ڪيسٽريشن جو بل هرحال ۾ منظور ڪرائينداسين، انساني حقن جا چيمپئن ميدان ۾ نه آيا ته ڦاهي جو بل منظور ڪرائينداسين، هن چيو ته زيادتي جي جوابدارن کي ڦاهي ڏيڻ جي سزا لاءِ بل آڻينداسين.

زيادتي جي ڏوهارين جي جنسي صلاحيت ختم ڪرڻ گهرجي: بشريٰ انصاري

ڪراچي (رپورٽر ) مشهور اداڪاره بشريٰ انصاري چيو آهي ته زيادتي  ۾ ملوث ڏوهارين جا هٿ پير ڀڃي ان جي جنسي صلاحيت  ختم ڪرڻ گهرجي. موٽر وي زيادتي ڪيس تي نه صرف سڄو ملڪ سراپا احتجاج آهي،  پر سول سوسائٽي ۽ عوام طرفان به مطالبو ڪيو پيو وڃي ته ريپ جي ڏوهارين کي سري عام ڦاهي ڏني وڃي.مشهور اداڪاره بشريٰ انصاري سماجي رابطي جي سائٽ انسٽا گرام تي چيو آهي ته مان چاهيان ٿي ته زيادتي جي وابدارن کي زنده رکيو وڃي، انهن کي ڦاهي نه ڏني وڃي پر ان جا هٿ، پير  ڀڃي،  جنسي صلاحيت ختم ڪري کين  بقايا زندگي گذارڻ ڏني وڃي، جيئن ان مان سبق حاصل ڪري سگهجي

 وسعت الله خان سنڌ جي عوام کان معافي وٺي ڇڏي

ڪراچي(م ڊ) ناليواري صحافي وسعت الله خان گذريل جمعي تي ذراهٽ ڪي پروگرام ۾  هڪ ڪالر سنڌ جي تشخص جي حوالي سان هڪ سوال  ڪيو هومون ان تي پنهنجي راءِ ڏني ان تي سوشل ميڊيا تي هڪ هنگامو ٿي پيو، ڪيترن ئي مهربانن کي ڪاوڙ اچي وئي، انهن ان ڳالهه تي ڏک جو اظهار ڪيو ته توهان مان اهڙي ڳالهه جي توقع نه هئي، گهڻن دوستن مشورو ڏنو ته توهان کي پنهنجي جواب جي وضاحت ڪرڻ گهرجي ۽ گهڻا ئي سنڌ دوست منهنجي لاءِ سڪون جو سبب به بڻيل رهيا، مون سوچيو ته وضاحت کان پهرين خوداحتسابي به لازم آهي، هن چيو ته منهنجو جواب اڻ مڪمل هو ۽ لفظن جي چونڊ ۾ به احتياط نه ڪيم هن چيو ته مان سنڌ ڌرتي کان غيرمشروط معافي وٺان ٿو، سنڌ جي وحدت تي وار جو سوچي به نٿو سگهجي، آئنده ڪوشش ڪندس ته پنهنجي ڪميونيڪشن صلاحيت کي بهتر بڻايان.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.