ڀنڊاڙ ٻيٽ تي شهر اڏڻ قبضي جي ڪوشش قرار، آئلينڊ اٿارٽي قبول ناهي: سنڌ سرڪار

ڪراچي ( رپورٽر )  ڀنڊار ۽ ڏنگي ٻيٽ تي نئون شهر تعمير ڪرڻ تي سنڌ حڪومت رد عمل ۾ چيو آهي ته ڀنڊاڙ ٻيٽ تي نئين شهر جي تعمير اصل ۾ سنڌ حڪومت جي ملڪيت تي قبضو آهي. صوبائي وزير زراعت محمد اسماعيل راهو  پنهنجي بيان ۾ چيو آھي ته وفاق ڀنڊار ۽ ڏنگي ٻيٽ تي نئون شهر اڏڻ لاءِ سنڌ سان صلاح مشورو ناهي ڪيو. وفاق جو سنڌ جي ساحلي پٽي تي نئون شهر اڏڻ ڪرڻ جو خواب ڪڏهن به پورو نه ٿيندو، اسماعيل راهو چيو ته سنڌ حڪومت جي اجازت کان بغير وفاق صوبي جي ڪنهن به علائقي ۾ ڪجهه نٿو ٺاهي سگهي، نيازي سرڪار پراڻو پاڪستان نٿي سنڀالي سگهي ۽ هليو آهي نئو شهر اڏڻ . هن چيو ته وفاق ٻن سالن ۾ ترقياتي بجيٽ ۾ سنڌ کي مڪمل نظرانداز ڪيو آهي. هن پاڪستان جي آئين جي مطابق 12 نائٽيڪل ميلن تائين سامونڊي حدون  سنڌ حڪومت جي دائري ۾ اينديون آهن.  هن چيو ته وفاق سنڌ بلوچستان جي ساحلي ٻيٽ تي قبضو ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان آئلينڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي ايڪٽ 2020 آڻي رهي آهي جيڪا قابل قبول ناهي. 03

سنڌ جي ٻيٽن تي وفاق کي نوان شهر اڏڻ جو ڪو اختيار ناهي: نواز زئور

ڪراچي( پ ر) جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زئور ۽ محمد علي خشڪ چيو آهي ته ڀنڊار ٻيٽ سميت ساحلي پٽي جا  سمورا ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن۔ انهن تي وفاقي حڪومت کي نوان شهر اڏڻ جو ڪوبه اختيار ناهي۔ نون شهرن جي رٿا سنڌين کي پنهنجي ئي وطن ۾ اقليت ۾ آڻڻ واري سازش جو حصو آهي۔ اهڙي طرح ان سازش جو ٻيو مقصد ڪراچي تي قبضو ڪرڻ آهي۔ اهڙن خيالن جو اظهار هنن گڏاپ پريس ڪلب ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ۽ مختلف جاين تي 19 سيپٽمبر تي ڪراچي ۾ جيئي سنڌ قومي پارٽي پاران نڪرندڙ ”ڪراچي ۽ سنڌو درياهه بچايو“ ريلي جون دعوتون ڏيڻ دوران ڪيو. هن چيو ته عمران حڪومت اسان جي مفادن کي نقصان رسائي رهي آهي۔ .هوڏانهن نواز خان زئور لاسي ڳوٺ پهچي سنڌ نيشنل پارٽي جي اڳواڻ رمضان بليدي ۽ سنڌ سڀا جي اڳواڻ انعام عباسي کي ريلي جي دعوت ڏني آهي. ھوڏانھن سنڌ قومي پارٽي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري انور کوکر ۽ ٻين ڪراچي ۾ نڪرندڙ ريلي جون مختلف شخصيتن کي شرڪت  جو ن دعوتون ڏنيون. 03

ٻيٽ سنڌ جا آهن، وفاق پرائي مال تي ٽوپي نراڙ تي نه ڪري: اياز پليجو

حيدرآباد( پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آھي ته سنڌ جا ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آھن، انھن تي قبضو برداشت  نه ڪيو ويندو. وفاق پرائي مال تي ٽوپي نراڙ تي نه ڪري. پيپلز پارٽي ۽ مراد علي شاھ آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جي ڪرپشن ڪيسن ۾ رعايت لاءِ سنڌ جي سوديبازي نه ڪن. سنڌ جو عوام پنھنجن حقن ۽ وسيلن تي ڌاڙن تي خاموش نه ويھندو. اياز لطيف پليجي چيو ته وفاقي حڪومت کي سنڌ جي تباھ ٿيل تعليم صحت پاڻي، ڊرينيج، کنڊر روڊ، برباد ڪيل زراعت، بک، بيروزگاري ۽ بدحالي نظر نٿي اچي. سنڌ جي ٽيڪس مان ملڪ ھلي ٿو پر سنڌ جو عوام غربت جي چڪي ۾ پيسجي رھيو آھي. وفاقي حڪومت جي سنڌ جي خوشحالي لاءِ ڇو پاليسي ناھي. ڇو سنڌ کي ڪرپشن جي ڪالوني بنجڻ ڏنو ويو آھي. ڇو ڪڏھن ڪراچي ڪميٽي ته ڪڏھن ٻيٽن تي نوان شھر ٺاھڻ جي نالي ۾ صوبائي خودمختياري، وحدت ۽ وسيلن تي ڌاڙن جي سازش ڪئي وڃي ٿي. اياز لطيف پليجي چيو ته حڪمرانن کي سنڌ جو عوام نه سنڌ جا وسيلا گھرجن.03

سنڌ جي ٻيٽن تي شهر اڏڻ غيرقانوني آهي: اي جي پي

حيدرآباد(پ ر)سنڌ حڪومت برسات متاثرن جي واهر ڪرڻ بدران رڳو ڦوٽو سيشن ۾ پوري آهي، سنڌ حڪومت جي نااهلي جي ڪري وفاق  سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪري رهي آهي. پيپلز پارٽي پنهنجي ڪرپشن لڪائڻ جي لاءِ سنڌ جي وحدت جو سودو ڪرڻ ۾ دير نه ڪندي. اهڙو اظهار مرڪزي ڪميٽي جي اجلاس ۾ خادم ٽالپر، نورنبي راهوجو، ڪرم حسين وساڻ، قربان پنهور، ڊاڪٽر اسلم پرويز عمراڻي، غلام قمبر حاجاڻو، ظهور احمد کوسو، لال محمد چانڊيو، نثار چنه، نازيا ڀٽي، نذيربانو لاشاري ۽ ٻين پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو.   هنن چيو ته سنڌ حڪومت جي نااهلي جي ڪري سنڌ دشمن قوتن کي سنڌ خلاف ڳالهائڻ جو موقعو ملي رهيو آهي. عمران سرڪار ڪڏهن ڪراچي ۾ آرٽيڪل 149، ڪڏهن الڳ صوبو ته ڪڏهن سنڌ جي ٻيٽن تي غيرقانوني شهر اڏڻ جون ڳالهيون ڪري سنڌ جي وحدت تي وار ڪندي آئي آهي. عوامي جمهوري پارٽي سنڌ پروگريسو ڪميٽي جي ڪنوينرشپ سنڀاليندي ترت اجلاس گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ فيصلو ڪيو ويو ته جيئي سنڌ قومي پارٽي جي ڪراچي ۾ ٿيندڙ ريلي ۾ شرڪت وئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.