حاصل بزنجو مظلومن جو آواز هو، ڪا به سيڪيورٽي اسٽيٽ ڪامياب نه ٿي سگهندي: مالڪ بلوچ

ڪراچي (رپورٽر) سياسي اڳواڻن، اديبن، دانشورن، صحافين ۽ مرحوم مير حاصل بزنجي جي وڇوڙي کي مظلومن توڙي بلوچستان لاءِ وڏو نقصان قرار ڏيندي چيو آهي ته  بلوچستان حقن جي تواني آواز کان محروم ٿي ويو، مخالف ڌر کي هڪ صفحي تي آڻيندڙ شخص موڪلائي ويو. اهڙن خيالن جو اظهار نيشنل پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ اڳوڻي وڏي وزير بلوچستان ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ، نيشنل پارٽي جي جنرل سيڪريٽري جان محمد بليدي، پروفيسر ڊاڪٽر جعفر احمد ۽ ٻين ڪراچي پريس ڪلب ۾ مير حاصل بزنجي جي ياد تعزيتي ريفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ڊاڪٽر عبدالمالڪ خطاب ڪندي چيو ته مير حاصل اسان جو ليڊر هو، ڪارڪن به هو. حيدرآباد سازش ڪيس کانپوءِ اسان وکري وياسين، پوءِ 2002 ۾ ملاقات ٿي. ٻن پارٽين کي گڏ ڪيو ۽ نيشنل پارٽي ٺاهي سين. اسان تي الزام هنيو ويو ته اسان اسٽيبلشمينٽ جي پارٽي ٺاهي آهي. حاصل بزنجو مولانا فضل الرحمان، شهباز شريف، بلاول ڀٽو زرداري کي هڪ پيج تي آڻيندو هو.  کاٻي ڌر وکري پئي آهي، مشرف دور ۾ هڪ صاحب گهرايو ۽ مشرف جي حمايت لاءِ دٻاءُ وڌو، اسان ٻڌائي ڇڏيو ته پارٽي عوام لاءِ آهي ۽ ان ئي وقت حاصل بزنجي سان اتحاد ڪيو. دنيا ۾ مظلوم قومن جو استحصال ختم ناهي ٿيو، ڪو ٻڌائي ته دنيا ۾ ڪا سيڪيورٽي اسٽيٽ ڪامياب ٿي آهي، اسان پاڪستان کي فلاحي رياست ٺاهينداسين. نيشنل پارٽي جي جنرل سيڪريٽري جان محمد بليدي چيو ته بزنجو هڪ وڏي پيءُ جو پٽ هو، بهادر انسان هو، اسان سان گڏ بلٽ پروف گاڏي ۾ سفر نه ڪندو هو، اسان اڄ بلٽ پروف گاڏين ۾ آيا آهيون سينيٽ چونڊن ۾ اسٽيبلشمينٽ جي ڪردار کي سامهون آندو وڃي ته 65 ماڻهو 45 شمار ٿيندا آهن. پروفيسر ڊاڪٽر جعفر احمد چيو ته ارڙهين ترميم تي عمل ڪيو وڃي ته ڀارت کان وڌيڪ اسان جي صوبن کي اختيار ملي ويندو، هن چيو ته غير سياسي جماعتون قابض آهن، سول ۽ ملٽري لاڳاپا هن وقت سٺا ناهن. سياسي پارٽين ۾ چونڊون ٿيڻ گهرجن وٽن ٿنڪ ٽينڪ به هجڻ گهرجي. ڪراچي پريس ڪلب جي صدر امتياز خان فاران چيو ته حاصل بزنجو اسلام آباد کان وڌيڪ ڪراچي ۾ مشهور هو، هن مظلومن لاءِ جنگ وڙهي. پروفيسر توصيف چيو ته حاصل بزنجي جو ڪراچي سان وڏو لاڳاپو رهيو. سعيد سربازي چيو ته بزنجو ڪڏهن ڪڏهن مخالف ڌر کان مايوس ٿي چوندو هو ته اپوزيشن کي سائي جهنڊي ڏيکاري وڃي ته پوءِ ڪجهه ڪندي. سهيل سانگي چيو ته بلوچستان ڏکيائين جو شڪار هو، بزنجي جي لاڏاڻي کان پوءِ ڏکيائيون اڃا وڌي ويون آهن. شاهد جتوئي چيو ته حاصل بزنجي مظلومن لاءِ آواز اٿاريو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.