اسڪول ايجوڪيشن ورڪس جا ڪامورا 2 ارب 52 ڪروڙ ملڻ باوجود ترقياتي ڪم ڪرائڻ ۾ ناڪام

ڪراچي(رپورٽ: خداڏنوشاھ)اسڪول ايجوڪيشن ورڪس کاتي جي تاريخي نااهلي سبب پهرين ڪوارٽر ۾ ترقياتي بجيٽ جي مد ۾ 2 ارب 52 ڪروڙ رپيا جاري ڪرڻ باوجود ترقياتي رقم خرچ نه ٿي سگهي آهي،اسڪول ايجوڪيشن جو ورڪس سروس کاتو اڍائي مهينا گُذري وڃڻ باوجود جاري ٿيل رقم جو رڳو 21سيڪڙو بجيٽ خرچ ڪري سگهيو آهي جڏهن ته ڪراچي ريجن مليل رقم جو فقط چار سيڪڙوخرچ ڪيو آهي،عوامي آواز کي مليل دستاويزن موجب ناڻي کاتي اسڪول ايجوڪيشن کاتي جي جاري 265 اسڪيمن لاءِ پهرين ڪوارٽر جي مد  ۾ 2 ارب  52 ڪروڙ رپيا جاري ڪيا جنهن مان سڀ کان وڏي رقم سکر ريجن کي جاري ڪئي ويئي،ناڻي کاتي سکر ريجن مٿان خاص نوازشون ڪندي 1 ارب 38 ڪروڙ رپيا جاري ڪري ڇڏيا پر سکر ريجن ايڪوڪيشن ورڪس کاتي ڪميشن جا معاملا نه سُلجهڻ سميت نيب جي ڊپ ۽ ٻين مختلف معاملن جي ڪري اڍائي مهينن ۾ فقط 50 ڪروڙ رپيا خرچ ڪيا آھن جيڪو ٽوٽل  رقم جو 36 سيڪڙو خرچ ڪيو آهي،ساڳي ڪوارٽر ۾ حيدرآباد ريجن کي 85 ڪروڙ رپيا جاري ڪيا ويا اسڪول ايجوڪيشن جي ورڪس اينڊ سروس کاتي جي چيف انجينئر ۽ انجينئرن جي نا اهلي سبب حيدرآباد ريجن جي سمورن ضلعن ۾ جاري ترقياتي اسڪيمن تي فقط 15 ڪروڙ رپيا خرچ ٿي سگهيا آهن جيڪو ريجن لاءِ جاري رقم جو فقط 18 سيڪڙو ٿئي ٿو،جنهن بعد ڪراچي ريجن جي چيف انجينئر ۽ ايس اِٰي تاريخي نا اهلي جو مظاهرو ڪندي جاري ٿيل ٽوٽل رقم 31 ڪروڙ جو فقط چار سيڪڙو خرچ ڪيو آهي جنهن سبب ڪراچي ريجن ۾ ٽيهن کان وڌيڪ اسڪيمون رولڙي جو شڪار آهن دستاويزن موجب ناڻي کاتي پهرين ڪوارٽر لاءِ ڪراچي ريجن جي ڇهن ضلعن کي 31 ڪروڙ رپيا جاري ڪيا جنهن موجب ڏکڻ ضلعي کي 3 ڪروڙ،ڪورنگي لاءِ ساڍا ڇھ ڪروڙ،اولھه لاءِ 3 ڪروڙ،سينٽرل لاءِ سوا ٻه ڪروڙ،اوڀر لاءِچار ڪروڙ،ملير لاءِ 7 ڪروڙ 50 لک ۽ سمورن ضلعن جي بجلي لاءِ 6 ڪروڙ رپيا جاري ڪيا جنهن رقم مان چيف انجينئر ۽ ايس اي  جي تاريخي نا اهلي سبب فقط چار سيڪڙو رقم خرچ ٿي سگهي آهي.

ملير ضلعي ۾ رٿائن تي ٽڪو به خرچ نه ٿي سگهيو!

ڪراچي:ايس اي ڪراچي جميل ميمڻ ۽ انجينئر خالد ظفر شيخ جي جهيڙي سبب  ضلعي ملير ۾ اسڪول ايجوڪيشن جي اسڪيمن تي ٽڪو به خرچ نه ٿي سگهيو آهي ٻنهي عملدارن ۾ جهڳڙي سبب اڍائي مهينن تائين ايڪس اي اين رقم روڪي ڇڏي جنهن ڪري ڪراچي جي سنڌي آبادي ترقياتي ڪمن کان محروم رهي سرڪاري ذريعن موجب ملير ضلعي جي چونڊيل نمائندن جي وچ ۾ پوڻ ۽ ايس اي کي ڇنڊ پٽڻ بعد گُذريل ڏينهن ساڍا ست لک رپيا جاري ڪيا ويا آهن پر هاڻ ڪوارٽر ختم ٿيئڻ ۾ باقي پندرنهن ڏينهن بچا آهن .

ڪراچي ريجن ۾ رڳو چار سيڪڙو رقم خرچ ٿي

ڪراچي:ترقياتي ڪمن ۾ نظر انداز ڪرڻ جون دانهون ڪندڙ ڪراچي ريجن اسڪيمن جي رقم جاري ٿيڻ باوجود خرچ نه ڪري سگهيو آهي،  چيف انجينئر ڪراچي توڙي ايس اي ڪراچي جي دلچسپي نه وٺڻ سبب اڍائي مهينا اڳ رليز ٿيل ڪوارٽر 31 ڪروڙ واري رقم جو فقط چار سيڪڙو حصو خرچ ٿي سگهيو آهي جڏهن ته  ايجوڪيشن ورڪس کاتي جا ڪامورا نا اهلي سبب هلندڙ رٿائون فنڊز باوجود مڪمل نه ڪرائي سگهيا آهن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.