مني لانڊرنگ ريفرنس: شهباز جي گهرواري ۽ ڌيءَ جا گرفتاري وارنٽb

لاهور (بيورو+م ڊ) احتساب عدالت مني لانڊرنگ  ڪيس ۾ ن ليگ صدر شهباز شريف جي گهرواري ۽ ڌيءُ جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.لاهور جي احتساب عدالت ۾ مني لانڊرنگ ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن سلسلي ۾ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف عدالت ۾ پيش ٿيو.ٻڌڻي دوران شهباز شريف جي وڪيل امجد پرويز عدالت کي ٻڌايو ته حمزا شهباز ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي چڪو آهي، تنهن ڪري کيس عدالت ۾ پيش نه ڪيو ويو.شهباز شريف وڪيل ذريعي عدالت کي اپيل ڪئي ته گهرڀاتين کي شروعاتي مرحلن ۾ طلب نه ڪيو وڃي، جنهن تي فاضل جج چيو ته قانون موجب شريڪ جوابدارن کي پيش ٿيڻ گهرجي.عدالت ريفرنس ۾ پيش نه ٿيڻ تي شهباز شريف جي گهرواري نصرت شهباز ۽ ڌيءُ رابطا عمران جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.پوءِ عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 29 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.