پوليس جاچ جي نالي تي 4 سالن کان دوکو ڏنو : عدالت

ڪراچي ( رپورٽر) چئن سالن تائين پوليس جاچ جي نالي تي درخواستگذار کي دوکو ڏنو، جاچ آفيسر بُنيادي ڪم به نه ڪيو آهي، سنڌ هاءِ  ڪورٽ چئن سالن کان گُم ٿيل شهري سمير جي بازيابي لاءِ درخواست تي لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته جنهن مسافر بس مان مبينا طور شهري سمير کي لاٿو ويو، اُنهي بس جي مالڪ کان به جاچ ڪئي وڃي، ايندڙ ٻڌڻي تائين شهري جو پتو نه لڳايو ويو ته جاچ آفيسر خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو، درخواستگذار عدالت کي آگاهي ڏني ته گُم ٿيل شهري جي دوست عبدالحفيظ کي سي ٽي ڊي گرفتار ڪيو، مٿس ڪوڙا الزام لڳايا ويا آهن، عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته عبدالحفيظ کي گرفتار ڪندڙ سي ٽي ڊي جي آفيسرن  خلاف به ڪيس داخل ڪيو ويندو.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.