صفوران سانحو ڪيس: سزا خلاف اپيل تي ڪيس جو رڪارڊ طلب

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس اقبال  ڪلهوڙي جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ صفوران سانحي ۾ فوجي عدالت ۾ سزا ٻڌايل  دهشتگردن جي سزا خلاف اپيل جي ٻڌڻي  ٿي، ٻڌڻي دوران عدالت اسسٽنٽ اٽارني جنرل کي اپيل ڪندڙن جي درخواست تي دستاويز ڏيڻ جي هدايت ڪئي وئي . درخواست گذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته اسان کي اخبارن جي ذريعي معلوم ٿيو ته جوابدارن کي سزا ملي آهي ، جڏهن  ته ملٽري عدالت اڄ تائين ڪاپيون نه ڏنيون آهن.  فوجي عدالت سعد عزيز، طاهر منهاس ، اظهر عشرت، حافظ ناصر ۽ اسدالرحمان کي  موت جي سزا ٻڌا ئي هئي جوابدارن جي گهروارن ملاقات ڪرائڻ ۽ سزاتي عمل روڪڻ جي لاءِ اپيل داخل ڪئي آهي، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 19 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.