پير ڳوٺ لڳ 12 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل پنجين ڪلاس جو شاگرد ڏاڍائي بعد قتل، جوابدار گرفتار

پيرجوڳوٺ(ن ع آ ) پير جو ڳوٺ لڳ12ڏينهن اڳ ڳوٺ عرس سولنگي مان اغوا ٿيل پنجين ڪلاس جي شاگردکي جوابدارن ڏاڍائي بعد قتل ڪري ڇڏيو آهي. ڳوٺ محمد عرس سولنگي مان  اغوا  ٿيل پنجين ڪلاس جي شاگرد   جو لاش ڪوٽ پل ڀرسان وڏا ماڇيون پوليس هٿ ڪري ورتو آهي . پوليس جو چوڻ آهي ته نينگر کي ڪوٽ پل اسٽاپ تان 12 ڏينهن اڳ وارهه واسي جوابدار  دلبر چانڊيو ورغلائي بد فعلي ڪرڻ بعد قتل ڪيو آهي  .جوابدار گرفتار ٿيڻ بعد نينگر کي کنڀي بدفعلي ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي. وڏا ماڇيون پوليس نينگر جو لاش خيرپور اسپتال مان ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو آهي. اسپتال جي ڊاڪٽرن  نينگر سان بدفعلي ۽ کيس گهٽا ڏيئي مارڻ جي تصديق ڪئي آهي .نينگر جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو . نينگر جي وارثن عبدالقدير .ياسين.محسن علي سولنگي پاران واقعي جو ذميوار وڏا ماڇيون ڇي پوليس کي قرار ڏنو آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.