کپرو: سڙي ويل ٽرانسفارمرتبديل نـ ڪرڻ خلاف  شهرين جو احتجاجي مظاهرو

کپرو جي غريب آباد، کتري پاڙي جي رهواسين پاران سڙي ويل ٽرانسفارمرتبديل نـ ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ،  سوين رهواسين کپرو جي مين چوڪ تي مشتاق جٽ، وسيم جٽ، ارجڻ کتري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٽائرن کي باهه ڏئي حيسڪو عملي خلاف سخت نعريبازي ڪئي، احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو تـ  ڪيترن ئي ڏينهن کان انهن جو ٽرانسفارمر سڙي ويو آهي پر حيسڪو  انتظاميا تبديل ڪرڻ بجاء پئسا گهري رهي آهي ، هنن چتاء ڏيندي چيو تـ بجلي  جو ٽرانسفارمر تبديل ڪيو وڃي ٻيء صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو

رپورٽ- عبدالرزاق راجپوت

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.