ڪنڊيارو: لقمان ڪالوني واسين  پاران سڙيل ٽرانسفارمر نه ٺھرائڻ خلاف احتجاج

ڪنڊيارو جي لقمان ڪالوني جي رهواسين سڙيل ٽرانسفارمر نه ٺھرائڻ خلاف لقمان ڪالوني کان عتيق گهانگهرو ۽ نياز ملاح جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي سيپڪو آفيس آڏو ڌرڻو هنيو . ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن واپڊا جي راشي عملي خلاف نعري بازي مطالبو ڪيو ته فوري طور تي لقمان ڪالوني جو ٽرانسفارمر تبديل ڪري اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ختم ڪئي وڃي،  ۔ٻئي پاسي سيپڪو آفيس ۾ موجود ايس ڊي او سيپڪو ممتاز سومرو ۽ ميٽرسپروائزر اسحاق مڱريو چيو ته لقمان ڪالوني سميت ٻين جاين تي بجلي چوري سبب ٽرانسفارمر سڙيا آھن، ايس ڊي او جو وڌيڪ چوڻ ھيو ته جتي به بجلي چوري جي ڄاڻ ملي ٿي اتي بجلي چورن خلاف آپريشن ڪري رهيا آھيون، ۔

رپورٽ- ايف اي گهانگهرو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.