حيدرآباد: کنڀي گم ڪيل  ڪارڪنن جي آزاديءَ لاءِ مظاهرو

سنڌ مان کنڀي گم ڪيل قومي ۽ سياسي ڪارڪنن جي آزاديءَ لاءِ  مختلف سياسي، سماجي، انساني حقن جي تنظيمن سنڌ سجاڳي فورم، وائيس فار مسنگ پرسنس آف سنڌ، ايڇ آر سي پي، عوامي ورڪرز پارٽي، يوٿ اتحاد حيدرآباد ۽ پورھيت مزاحمت تحريڪ طرفان شھباز بلڊنگ کان حيدرآباد پريس ڪلب تائين  احتجاجي مارچ ڪري ڌرڻو ھنيو ويو. ڌرڻي ۾ جبري گمشده ماڻهن جو ڪيس وڙهندڙ هاءِ ڪورٽ جي وڪيل محب آزاد لغاري جي زال عطرت آزاد لغاري، مهراڻ ميراڻي جي امڙ سڪينا ميراڻي، تاج جويو، امداد چانڊيو، وزيرلاکو سميت سوين عورتن ۽ ٻارڙن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سنڌ مان جبري طور کنڀي گم ڪرڻ واري واقعن ۾ اضافو ٿيڻ تي سڄي سنڌ ۾ سخت ڳڻتي جي لهر پکڙيل آهي. هنن مطالبو ڪيو ته وڪيل محب آزاد لغاري سميت سمورن کنڀي گم ڪيل ماڻهن کي آزاد ڪيو وڃي يا جيڪڏهن انهن تي ڪو به الزام آهي ته انهي ڏوهه ۾ گرفتاري ظاهر ڪري عدالتن ۾ پيش ڪري ڪيس هلايا وڃن

رپورٽ- حسيب لطيفي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.