سنڌ حڪومت برسات متاثر ڪنهن به ماڻهو جي مدد ناهي ڪئي:حليم عادل

پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي نائب صدر ۽ سنڌ اسمبلي ۾ پارليماني ليڊر حليم عادل شيخ

چيو آهي ته هزارين برسات سٽيل خاندان روڊن تي بي يارو مددگار ويٺل آهن سنڌ حڪومت ڪنهن جي به مدد ناهي ڪئي، بلاول کان جيڪو به سوال ڪيو ٿيو وڃي ان جو صرف هڪڙو ئي جواب ڏي ٿو ته وفاق اسان کي ڏي ته ورهايون

راجا هائوس ميرپورخاص ۾ اهم پريس ڪانفرنس کي خطاب  ڪندي حليم عادل جو چوڻ هو ته  ٻوڏ متاثرن جي بحالي تائين وفاق پاران ڪم جاري رکندي بنا ڪنهن فرق جي عوام جي مدد ڪريون پيا.

ٻئي پاسي پي ٽي آئي اڳواڻ حليم عادل شيخ ۽ دعا ڀٽو ميرپورخاص جي مختلف روڊن تي بي يارو مددگار ويٺل خاندان ۾ ٽينٽ، ڪپڙا توڙي، پاڻي ۽ ٻيو سامان پڻ ورهايو

رپورٽ- هاشم شر

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.