ڄامشورو: سنڌ خلاف ٿيندڙ سازشن خلاف عوامي تحريڪ جي ريلي

ڄامشورو عوامي تحريڪ طرفان ڪراچي ڪميٽي، برسات متاثرن جي واھر نه ڪرڻ،پاڻي تي ڌاڙن، نياڻين سان زيادتين، ڌارين جي آبادڪاري ۽ ڄامشورو ضلعي جون زمينون بحريه ٽائون کي ڏيڻ خلاف شاندار ريلي ڪڍي وئي ، آر بي او ڊي سم نالي کان ڄامشورو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب کان تائين ڪڍيل احتجاجي ريليء جي اڳواڻي ڪندڙ عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ امرا سمون ۽ ٻين جو چوڻ هيو ته ڪراچي ڪاميٽي غير آئيني آهي جنهن کي فوري طور تي ختم ڪيو وڃي، سنڌ حڪومت برسات متاثرن جي هينئر تائين ڪا به مدد نه ڪئي آهي , سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون بحريه ٽائون کي ڏئي ڌاريا آباد ڪيا  پيا وڃن جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا ، هنن مطالبو ڪيو ته سنڌ خلاف ٿيندڙ سازشون ختم ڪيو وڃن .

رپورٽ- صدر جوڻيجو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.