”رڳو پوليس، سي ٽي ڊي ۽ ايف آءِ اي قانون لاڳو ڪندڙ ادارا آهن“

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو چوڻ آهي ته اسلام آباد ۾ 50 کان وڌيڪ شهرين جو گم ٿيڻ سنجيده معاملو آهي، جيڪڏهن وفاقي راڄڌاني ۾ 50 مسنگ پرسنز آهن ته رياست جي رٽ ڪٿي آهي؟

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس محسن اختر ڪياني گم ٿيل شهري عبدالقدوس جي بازيابي جي لاءِ داخل درخواست جي ٻڌڻي ڪئي.

عدالتي حڪم جي باوجود وفاقي گهرو وزير بريگيڊيئر (ر) اعجاز شاهه عدالت ۾ پيش نه ٿيو جڏهن ته گهرو سيڪريٽري اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿي ويو.

ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته گم ٿيل شهري عبدالقدوس حفاظت سان گهري پهچي ويو آهي جڏهن ته گهرو وزير بيمار آهي ان ڪري اڄ عدالت ۾ پيش نٿو ٿي سگهي.

جسٽس محسن اختر ڪياني جو چوڻ هو ته ايس ايس پي انويسٽي گيشن موجب اسلام آباد ۾ مسنگ پرسنز جو انگ 50 کان وڌيڪ آهي، جيڪڏهن وفاقي راڄڌاني ۾ 50 مسنگ پرسنز آهن ته رياست جي رٽ ڪٿي آهي؟ اسلام آباد ۾ 50 کان وڌيڪ شهرين جو گم ٿيڻ سنجيده معاملو آهي.

عدالت جو چوڻ هو ته رڳو پوليس، ڪائونٽر ٽيررازم ڊيپارٽمنٽ (سي ٽي ڊي) ۽ وفاقي جاچ ايجنسي (ايف آءِ اي) قانون لاڳو ڪندڙ ادارا آهن ۽ قانون رڳو اِهي ٽئي ادارا ڪارروائي ڪري سگهن ٿا، باقي ايجنسيون نٿيون ڪري سگهن، جيڪڏهن ٻيون ايجنسيون به ڪم ڪنديون ته اُها قانون جي ڀڃڪڙي هوندي ۽ وفاقي حڪومت ان جي ذميوار هوندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.