سڀاڻي ڪورونا ايس او پيز تحت سڄي ملڪ جا تعليمي ادارا کوليا ويندا

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ڪورونا ايس او پيز جي تحت سڄي ملڪ جا تعليمي ادارا سڀاڻي کان مرحليوار کوليا ويندا.

لڳ ڀڳ ساڍن 6 مهينن جي بندش کان پوءِ سڀاڻي کان چئني صوبن ۾ يونيورسٽيون ۽ ڪاليجز سان گڏ نائين ۽ ڏهين جي ڪلاسن جو به آغاز ڪيو ويندو.

وزير اعظم عمران خان سمورن اسڪولز پبلڪ هيلٿ سيڪيورٽي رولز جي موجب کولڻ جي هدايت ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته اجتماعي ذميواري آهي ته هر ٻار محفوظ طريقي سان اسڪول وڃي ۽ تعليم حاصل ڪري، سڀاڻي اسڪول واپسي تي لکين شاگردن کي ڀليڪار چونداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.