سڀ کان وڌيڪ آبادي واري جرمن صوبي ۾ مڪاني چونڊون، ميرڪل جي پارٽي ڪامياب

 

برلن (ويب ڊيسڪ) جرمني جي سڀ کان وڌيڪ آبادي واري صوبي نارٿ رائن ويسٽ فيليا ۾ ڪالهه آچر ڏينهن ٿيل مڪاني چونڊن ۾ چانسلر ميرڪل جي جماعت ڪرسچين ڊيموڪريٽڪ يونين (سي ڊي يو) واضح ڪاميابي حاصل ڪري ورتي.

ان جي مقابلي ۾ سوشل ڊيموڪريٽڪ پارٽي کي سخت ڌڪ رسيو، جنهن کي ماضي ۾ ان رياست ۾ سالن جا سال اڪثريت حاصل ٿيندي رهي.

ان وفاقي رياست ۾ سي ڊي يو جي ڪاميابي کانپوءِ ترقي پسند وڏي وزير آرمين لاشيٽ لاءِ ان سياسي جماعت جو نئون وفاقي وزير سربراهه ڪرڻ جا امڪان وڌي ويا آهن.

نارٿ رائن ويسٽ فيليا ۾ مڪاني سطح تي ٽين وڏي سيسي قوت ۽ ماحول پسندن جي گرين پارٽي 2014 جي مڪاني چونڊن جي ڀيٽ ۾ ان ڀيري بهتر نتيجا حاصل ڪيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.