يورپي يونين جو سنڌ ۽ بلوچستان جي عورتن لاءِ 50 لک ڊالر جو اعلان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) يورپي يونين ڪورونا وائرس جي دور ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي عورتن ۽ تازن ڄاول ٻارن جي بنيادي صحت جي لاءِ 50 لک ڊالر امداد جو اعلان ڪيو آهي.

يورپي يونين ڪورونا وائرس جي موذي مرض جي دور ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي عورتن ۽ تازن ڄاول ٻارن جي بنيادي صحت لاءِ امداد جو اعلان ڪيو آهي، يورپي يونين عورتن ۽ ٻارن جي واڌ ويجهه ۽ خدمتن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ يونيسيف کي 5 ملين ڊالر جي رقم ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

اِهو سهڪار يورپي يونين جي يورپي يونين سول پروٽيڪشن انڊهيو منٽرينز اينڊ جي ذريعي فراهم ڪيو ويندو، ان ڏس ۾ سنڌ جي ٽن ضلعن ۽ بلوچستان (جعفر آباد) ۾ 12 لک 50 هزار ماڻهن تائين پهچ يقيني بڻائي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.