رشڪئي اقتصادي زون خيبرپختونخواهه جي ترقي لاءِ اهم سنگ ميل آهي: وزير اعظم

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته رشڪئي اقتصادي زون معاهدو خيبرپختونخواهه جي ترقي لاءِ اهم سنگ ميل آهي.

رشڪئي خاص اقتصادي زون لاءِ ترقي جي لاءِ معاهدي تي صحيح واري تقريب کان پوءِ وزير اعظم عمران خان چيو ته مون کي ڏاڍو عجيب پيو لڳي ته هو چائنيز ڳالهائيندا آهن ۽ اسان اردو، پر انگريزي ۾ اسان سڀ تقريب ڪري رهيا آهن ان ڪري منهنجي درخواست آهي ته اسان به اردو ۾ ڳالهايون، اسان کي انگريزي ڳالهائڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي.

وزير اعظم چيو ته سي پيڪ منصوبو هاڻ رڳو مواصلات تائين محدود ناهي رهيو، رشڪئي خاص اقتصادي زون معاهدو خيبرپختونخواهه جي ترقي لاءِ اهم سنگ ميل آهي، رشڪئي اقتصادي زون سان روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا، گڏيل قومن جي سروي موجب سڀ کان وڌيڪ ترقي ۽ غربت جو خاتمو خيبرپختونخواهه ۾ ٿي رهيو آهي پر روزگار جا موقعا نه هئڻ سبب ماڻهو ٻاهر ويندا آهن.

وزير اعظم عمران خان جو چوڻ هو ته افغان امن عمل ۾ پاڪستان جو وڏو هٿ آهي، اسان جي ڪوشش سان جيڪڏهن افغانستان ۾ امن اچي وڃي ٿو ته رشڪئي انڊسٽريل زون جي ذريعي هي سڄو علائقو وچ ايشيا سان سلهاڙجي ويندو ۽ واپار جا موقعا پيدا ٿيندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.