مرد پاڻ کي قابو نٿا ڪري سگهن ته انهن کي گهرن ۾ بند ڪيو: شيرين مزاري

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) انساني حقن بابت وفاقي وزير شيرين مزاري چيو آهي ته اسان جي عزت ڪنهن جي ماءُ، ڀيڻ، ڌيءُ ۽ گهرواريءَ طور نه پر عورت جي حيثيت سان ڪئي وڃي، اپوزيشن ليڊر جي اها ڳالهه درست ناهي ته هوءَ قوم جي ڌيءُ هئي پر چئي ته هڪ عورت هئي.

قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي شيرين مزاري چيو ته اسان کي اهو قبول ناهي ته اسان کي ڪنهن محرم سان گڏ نڪرڻو آهي، ماڊل ٽائون ۾ ٻن عورتن جي وات ۾ گوليون هيون ويون، اسان عابد باڪسر کي وساري ڇڏيو، شهباز شريف کي عورتن جو وڏو ڏک آ ته ماڊل ٽائون جو ذڪر به ڪري ها.

هن چيو ته اسان کي موت جي سزا تي به سوچي سمجهي ڳالهائڻ گهرجي، ڪيترن ئي ملڪن ۾ موت جون سزائون ڏنيون ويون پر ڏوهه ختم نه ٿيا، جيڪڏهن مرد پاڻ کي قابو نٿا ڪري سگهن ته انهن کي گهرن ۾ بند ڪيو.

ان موقعي تي قومي اسيمبلي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته سرعام ڦاهي تي ڊيٽا ڪڍي تحقيق ڪري وٺو ته ڪهڙي ملڪ ۾ ڪيترا ڏوهه گهٽيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.